پي اي سي چيئرمين پاران کنڊ جي برآمد ۽ درآمد پڇاڻو، ايندڙ هفتي رپورٽ طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارليامينٽ هائوس ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي (پِِي اَي سِي) جي اجلاس ۾ فنانس ڊويزن جي 2023-24ع جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو.
اجلاس دوران کنڊ جي اگهن ۽ پيداواري صورتحال بابت آگاهي ڏني وئي.
بريفنگ ٻڌايو ويو ته موسمياتي اثرن سبب ڪمند جي پيداوار گهٽجي وئي ۽ قيمتون وڌي ويون، جنهن کانپوءِ 3 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
پي اي سي چيئرمين کنڊ پهرين برآمد ڪرڻ ۽ پوءِ درآمد ڪرڻ جي فيصلي تي سوال اُٿاريا ۽ ايف بي آر کان برآمد ڪندڙن جي تفصيل طلب ڪيا. ميمبرن کنڊ مارڪيٽ ۾ ڪجهه ماڻهن جي اجارداري تي به خدشا ظاهر ڪيا.
اجلاس ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪندي مڪمل تفصيل سان ٻيهر طلب ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.