يوسي پاٽ شريف جو بجيٽ اجلاس، ست لک روپين جو ماهوار بجيٽ منظور، ترقياتي منصوبن تي به غور
ڦلجي اسٽيشن (رپورٽ: غلام حيدر پنھور )يونين ڪائونسل پاٽ شريف جو بجيٽ اجلاس چيئرمين سيد علي مراد شاھ جي صدارت هيٺ ٿي گزريو ، اجلاس ۾ ڪائونسلرن ، صحافين ۽ معززين شرڪت ڪئي ، وائس چيئرمين مخدوم شفيق الرحمان صديقي اجلاس کي آجياڻو پيش ڪيو ، اجلاس جي ڪاروائي تلاوت ڪلام پاڪ سان شروع ڪئي وئي ،
سيڪريٽري محمد يوسف سولنگي بجيٽ پيش ڪئي ، اجلاس ۾ يوسي ملازمن جي پينشن ، پگهارن ، ڊرينج ، اسٽريٽ لائٽ ، سينٽري ورڪنگ ، آفيس ورڪ ، بازار اندر ڊسٽ بن ٻين ڪمن لاء ماهوار ست لک روپيا مختص ڪيا ويا ، اجلاس ۾ اڪثريت راء سان بجيٽ منظور ڪئي وئي ، اجلاس ۾ يوسي پاٽ جي ارتقا لاء ايم اين اي ۽ ضلعا چيئرمين پاران ڏنل مختلف ترقياتي اسڪيمن تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو ، تفصيل موجب ضلعا دادو جي تاريخي يوسي پاٽ شريف جو بجيٽ اجلاس چيئرمين سيد علي مراد شاھ جي صدارت هيٺ مخدوم هائوس پاٽ شريف تي ڪوٺايو ويو ، اجلاس ۾ بجيٽ پيش ڪندي يوسي ملازمن جي پگهارن توڙي پينشنن ، صفائي عملي جي پگهارن ۽ سامان ، بازار اندر صفائي يقيني بڻائڻ لاء ڊسٽبن ، اسٽريٽ لائٽ ۽ گردشي خرچن لاء ست لک روپيا ماهوار بجيٽ پيش ڪئي وئي ،
جڏهن ته بچت پيسا ٽي لک روپيا سيونگ ڪيا ويا جيڪي مختلف ترقياتي ڪمن جي مينٽيننس لاء مختص ڪيا ويا ، اجلاس ۾ ڪائونسلر غلام رسول برهماڻي ، رياض بٺڙ ، وقار ڀٽي ، نديم سولنگي ، اڳوڻو وائس چيئرمين سيد رياض شاھ ، پ پ پ يوسي پاٽ جو جنرل سيڪريٽري حبيب عزيز سومرو ، رهواسين سيد نواب شاھ ، غلام ياسين ملاح ، محمد نواز ملاح ۽ ٻين بجيٽ بحث ۾ حصو ورتو ، جنهن کانپوء اڪثريت راء سان بجيٽ بل منظور ڪندي چيئرمين پاران بل تي صحيح ڪئي وئي ، جڏهن ته ايم اين اي دادو جوهي رفيق احمد جمالي ، ۽ ضلعا چيئرمين سيد محمد شاھ پاران ڏنل پيور بلاڪ اسڪيم ۽ ڊرينج سسٽم اسڪيمن تي پڻ غور ويچار ڪندي ٿيل ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو ويو ،
ان موقعي تي چيئرمين سيد علي مراد شاھ ، وائس چيئرمين مخدوم شفيق الرحمان صديقي ، پ پ پ جنرل سيڪريٽري حبيب عزيز سومرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايم اين اي ۽ ضلعا چيئرمين جي خاص مهربانين سان يوسي پاٽ شريف جي مڙني گهٽين ۾ ڏه هزار فوٽ پيور بلاڪ وڇائڻ جو ترقياتي ڪم جاري آھ جڏهن ته ڊرينج سسٽم کي بهتر ڪرڻ جون اسڪيمون پڻ شامل آھن ، بازار ۾ صفائي عمل ۾ بهتري آڻڻ لاء ڊسٽبن لڳايا ويندا ، پاٽ شهر جي عيد گاه پاڙي کي 780 فوٽ ڪارپيٽ روڊ ۽ 620 فوٽ رٽرننگ وال ڏئي مين روڊ سان ڳنڊيو ويندو ،
هنن چيو ته يوسي جي مختلف ڳوٺن جي گهٽين کي هموار ڪرڻ لاء پيونگ بلاڪنگ جو ڪم جاري آھي ٻئي پاسي يوسي بجيٽ جي گڏ ٿيل پئسن مان 40 لک روپين جي لاڳت سان 400 کان مٿي اسٽريٽ لائيٽون ڪجھ ئي ڏينهن اندر لڳايون وينديون هنن وڌيڪ چيو ته ضلعا چيئرمين پاران ڏيڍ ڪروڙ جي لاڳت سان يوسي جي آفيس بلڊنگ پڻ جلد تعمير ڪرائي ويندي
جُولاءِ 23, 2025