نوجوان جمالي اتحاد پاران نوابشاهه پوليس خلاف احتجاج، بيگناهه علي خان جمالي جي آزادي ۽ ايس ايڇ اوز خلاف ڪارروائي جو مطالبو
نوابشاه ( رپورٽ: عبدالفتاح رند) نوجوان جمالي اتحاد پاران نوابشاھ پوليس خلاف نوابشاھ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي اڳواڻن سلمان جمالي سجاد عميس جمالي مرتضا جمالي ۽ٻين چيو ته ڪجھ ڏينھن اڳ ايئرپورٽ ٿاڻي جو ايس ايڇ او وسيم مرزا اسان جي معزز علي خان جمالي کي بلاجواز کنڀي منشيات جي ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪري ڇڏي آهي
جيڪو بيگناھ نوابشاھ جيل م آهي ھنن چيو ته کڏھر ٿاڻي جو ايس ايڇ او ثناء اللہ پنھور اسان جي نوجوانن کي بلاجواز تنگ ڪري رهيو آهي ھنن ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد کان مطالبو ڪيو ته علي خان جمالي مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ۽ ڪرپٽ ايس ايڇ او وسيم مرزا ۽ ثناء اللہ پنھور خلاف صاف شفاف انڪوائري ڪرائي انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي
جُولاءِ 23, 2025