ملير ۾ صفائي جو نظام ناڪاره، گندگيءَ جا ڍير ۽ سيوريج جي بدتر صورتحال سبب شهرين جو جيئڻ جنجال
ملير (ڊر ) صفائي عملو توڙي انتظاميا مڪمل طور تي غائب اسڪولن گهٽين آڏو گندگيء جا ڍير لڳل آهي سيوريج جي ناڪاره نظام شهرين کي ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو ميمڻ ڳوٺ توڙي ڀرپاسي جي علائقن ۾ صفائي جو نظام ڊگهي عرصي کان ناڪاره بڻجي ويو شهر جون مک گهٽيون روڊ ڪچرن جي ڍيرن سان ڀرجي ويون جڏهن ته سيوريج جي گندي پاڻيءَ جي نيڪال نه ٿيڻ سبب علائقا تلا جو منظر ڏيڻ لڳا..
علائقي واسين واپارين جو چوڻ آهي ته صفائي عملي جي لاپرواهي سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي اسڪولن اسپتالن مسجدن آڏو به گندگيء جا ڍير لڳل آهن صفائي جو نظام نه هجڻ سبب مختلف موذي مرض تيزيءَ سان پکڙجي رهيا آهن بار بار شڪايتن جي باوجود انتظاميا ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي ٻئي طرف صفائي عملي انتظاميا ڊاريڪٽر افضل لغاري جو چوڻ آهي ته سيوريج جي نڪاسي جو عمل ڊسپوزل تان رڪيل آهي اسان جي پاران ڪا به ڪوتاهي ناهي ڪئي وئي ڊسپوزل انتظاميا کي تحرڪ وٺڻ گهرجي
جُولاءِ 23, 2025