ماهرن غير آباد زمين کي آباد ڪرڻ جو فارمولو ٻڌائي ڇڏيو

Spread the love

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) زرعي يونيورسٽي فيصل آباد جي ماهرن چيو آهي ته فش فارمنگ ۽ وڻڪاري ذريعي غيرآباد زمينن کي زرخيز بڻائي سگهجن ٿيون.
ماهرن موجب، اهڙن قدمن سان نه رڳو خوراڪ ۾ پروٽين جي کوٽ پوري ٿي سگهي ٿي، پر آبادگارن جي آمدني ۾ به واڌ ممڪن آهي.
ان ڏس ۾ فشري کاتي طرفان آبادگارن مفت مشاورت ۽ فني سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته زرعي يونيورسٽي ۽ فشري کاتي جا گڏيل تربيتي ورڪشاپ ضلعي سطح تي شروع ڪيا ويندا.

ماهرن آبادگارن کي صلاح ڏني آهي ته هو زمين جي ساخت ۽ ماحول پٽاندڙ موزون وڻ لڳائن ته جيئن زمين جي زرخيزي، ٻارڻ، خوراڪ ۽ جهنگلي جيوت جي واڌ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي.

جُولاءِ 23, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو