قاضي عبدالحيّ ”قائل“ جِي نثرنگاري

Spread the love

”خيرو ديرو ــ هڪ مکيه ڳوٺ“ جي عنوان سان لکيل پنهنجي هڪ مضمون ۾ ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي رتيديري ۾ واقع هڪ تاريخي ڳوٺ متعلق قلم کي جنبش ۾ آڻيندي لکن ٿا: ”پاڪستان ٿيڻ کان اڳ هتان جا عامل هندو، اعليٰ عهدن تي فائز هئا ۽ هتي واپار به خاصو هلندو هو. خاص طرح بِهَن ۽ پَٻُڻن جو ڪاروبار جام هلندو هو. موجوده وقت ۾ به هتي ڪيتريون ئي قومون رهن ٿيون. جهڙوڪ: ڪنگا، ريٽي، شيخ وغيره. جيڪي ڪاشتڪاريءَ ۾ مشغول آهن. هتي تعليم جو رجحان وڌيل آهي. هتي پرائمري اسڪول، مڊل اسڪُول ۽ گرلس اسڪول پڻ آهي. اسپتال جِي ضرورت آهي. ٽرانسپورٽ جو خاطر خواهه بندوبست ڪونه آهي.“ (شايع: روزاني ”عبرت“ حيدرآباد ــ 23 جُولاءِ 1979ع(

”قائل“ صاحب ”ڪاريءَ تي پير“ جي عنوان سان هڪ اخبار ۾ مزاحيه ڪالم به لکيو. ان ڪالم جي سلسلي ۾ ”مولڻ موالي ۽ نشي جي عادت“ جي عنوان سان لکيل هڪ نمڪين ليک ۾ قاضي ”قائل“ صاحب لکن ٿا:

”مولڻ موالي بستري تي سمهيو پيو آهي. موت سان ملاقات ڪري رهيو آهي. سندس ملاقات خطري کان ٻاهر نه هئي. تارا ڦوٽاريلَ… بعض سست ساهَه جِي اسپيڊ ٽٽل ڍڳي جي ڦُوڪارَن مثل… دڙها هڻي رهيو هو. ويچاري وَني ڳوڙها ڳاڙي رهي هئي. سندس پوٽا، پُٽَ، پوٽيون، ڏوهٽا، ڏوهٽيون، ڀائـرَ، ڀائيٽيا، مِٽَ، مائٽَ، ڪجھه دوستَ، اڌ مُئا موالي، پنڪيون کائي ڍُنڍڪران ڏئي رهيا هئا. ڪُل پاڙي وارا اچي ڪٺا ٿيا. جن مان هڪ پاڙي واري مومن خانَ کي، مولڻ جي حالت ڏسي رحم آيو. هو خدا ترس هو. اُن مائٽن کان ماجرا پُڇي. جن چيو ته: ’ويچاري کي ڏنگڙو (آفيم) نه مليو آهي. سالن جو موالي آهي. سو ڏئي وٺي بيٺو آهي.‘ “ (شايع: 9 مارچ 1979ع)

”عقل دي دوڙ“ جي سري سان لکيل پنهنجي هڪ ٻئي نمڪين ڪالم ۾ ”قائل“ سرشاري صاحب لکن ٿا:

”سگھڙن پئي هڪٻئي کي ڳجھارتُون ڏنيون ورتيُون. رکي رکي پئي چيائون ته ’نٿي چئي!‘ پر جي ڪنهن ڳجھارت ڀَڳي پئي ته هُوڪرا مَچي پيا وڃن: ’وئِي… وئِي… واهه ادا واهه…!‘ محفل هلندي مير صاحب فرمايو: ’ٻڌو! ٻُڌو! ميڪون ڳجھارت ڏيئو! مين نه ڀڃان ته تيڪون ڦاسي ڏيسان!!‘ سڀ سُن رهجي ويا. نيٺ پاڻ ۾ صلاح ڪري ڏٺائون ته سامهون مچَ تي مير صاحب جي ٻلي به ويٺي آهي. سو سوچي سوچي مير صاحب کي سؤلي ڳجھارت ڏنائون: ’جهان پناهه! ڳُجھارت آندي پئي اي!‘ مير صاحب چيو: ’ڀلي آوي!‘ ڳجھارت ڏنائون: ’ڪَن اُڀا… پُڇ ٽُوريا… ميائُون ميائُون ڪريندي اي!…‘ مير صاحب وڏي سوچ ۾ پئجي ويو. ڪجھه وقت کانپوءِ مير صاحب چيو: ’ڳَئي… ڳَئِي…‘ سُگھڙن چيو: ’فرمائو!‘ چي: ’ٿنڀا‘. ٻُڌي سڀ وائڙا ٿي ويا. چيائُون: ’سائين! وَل سوچو!‘ سگھڙن ٻليءَ ڏي هٿ جا اشارا ڪري به چيو: ’سرڪار، ڪَن اُڀا… پُڇ ٽُوريا… ميائُون ميائُون ڪريندي اي!… حضُور! ڪِني ٽُڪر به منگدي اي!‘ مير صاحب وڏي سوچ کان بعد چيو: ’ايڏيان سؤليان ڳُجھارتان سرڪار ڪيني ڏيندي پئي! ڳَئِي… ڳَئِي…‘ سُگھڙن چيو: ’فرمائو!‘ چيائين: ’شِيشا‘.

سگھڙن چيو ته ڏاڍي جُٺ ٿي! هاڻي ٽيون دفعو به مير صاحب ڳُجھارت نه ڀڳِي ته اسانکي ڦاسيءَ تي چاڙهيندو. سو ڀڳائين ته واهه! نه ته به سڀ واهه واهه ڪجو. خوشيُون ڪجو! “ (شايع: 18 مارچ 1979ع)

مطلب ته قاضي عبدالحيّ ”قائل“ مختلف موضوعن تي پنهنجي گھڻ رنگِي نثرنگاريءَ رستي پنهنجي دؤر جي مقبول اخبارن ۽ رسالن ۾ پنهنجي لکڻين جي صورت ۾ مسلسل نظر آيو. سندس قلم مان نڪتل ٻين مقبول تاريخي ۽ تحقيقي مضمونن ۾ شاهه جي سُر ڪيڏاري، سر ڪاموڏ ۽ سُر مارئيءَ جا الڳ الڳ اڀياسَ، ’ڀنڀور، تاريخ جي آئيني ۾‘، ’فرشتو‘، ’افلاطون‘ وغيره جڏهن ته شخصي خاڪن ۾ ’وتايو فقير‘، ’سيّد رحمت الله بکري‘، ’ليفٽيننٽ فاطمه خانم‘، ’نوشيروان عادل‘، ’وريل فقير جو ڪلام‘  ۽ ٻيا ڪيترائي مضمونَ، ليکَ ۽ ڪالمَ شامل آهن.

”خيرو ديرو ــ هڪ مکيه ڳوٺ“ جي عنوان سان لکيل پنهنجي هڪ مضمون ۾ ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي رتيديري ۾ واقع هڪ تاريخي ڳوٺ متعلق قلم کي جنبش ۾ آڻيندي لکن ٿا: ”پاڪستان ٿيڻ کان اڳ هتان جا عامل هندو، اعليٰ عهدن تي فائز هئا ۽ هتي واپار به خاصو هلندو هو. خاص طرح بِهَن ۽ پَٻُڻن جو ڪاروبار جام هلندو هو.

جُولاءِ 23, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو