شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي سالياني امتحانن جي شروعات، 39 هزار کان وڌيڪ شاگردن جي شموليت
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شهيد بينظير آباد جي ڊائريڪٽوريٽ آف پبلڪ رليشنس پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق، شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي سان واسطو رکندڙ ضلعو شهيد بينظير آباد، سانگهڙ، نوشهروفيروز ۽ دادو جي ڊگري ڪاليجن ۾ اي ڊي آرٽس (بي اي)، اي ڊي سائنس (بي ايس سي)، اي ڊي ڪام (بي ڪام)،
ايم ڪام ۽ ٻين شعبن جا ساليانا امتحان باقاعدي طور تي شروع ٿي ويا آهن۔ يونيورسٽي جي ڊپٽي ڪنٽرولر امتحانات زاھد حسين ڀنگوار موجب، مٿي ڄاڻايل ضلعن ۾ موجود 46 ڊگري ڪاليجن جي امتحانن ۾ حصو وٺندڙ لڳ ڀڳ 39 هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ 34 امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا آهن۔ جڏھن ته امتحاني عمل دوران ممڪن خراب صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ نقل کي روڪڻ لاءِ علائقن ۾ 144 قلم لاڳو ڪئي وئي آهي۔
جُولاءِ 23, 2025