”رياست عورت ۽ مرد جي قاتلن کي سزا ڏئي“ بلوچستان اسيمبلي ۾ ٺهراءٌ

Spread the love

ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان ۾ غيرت جي نالي تي عورت ۽ مرد جي بيدرديءَ سان قتل جي خلاف بلوچستان اسيمبلي ۾ مذمتي ٺهراءٌ منظور ڪيو ويو آهي. بلوچستانجي وڏي وزير سرفراز بگٽي جي درخواست تي قرارداد کي گڏيل قرارداد ۾ تبديل ڪيو ويو. بلوچستان اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر عبدالخالق اچڪزئي جي صدارت هيٺ ٿيو،

جنهن ۾ ڪوئيٽا جي ويجهي علائقي سنجدی ڊيگاري ۾ غيرت جي نالي تي ٻن بيگناهه ماڻهن جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ ويمن پارلياماني ڪاڪَس جي ڊپٽي اسپيڪر غزاله گولا مذمتي قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي. ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڪوئيٽا جي علائقي سنجدی ڊيگاري ۾ بي وس مرد ۽ عورت جو قتل انتهائي افسوسناڪ ۽ قابلِ مذمت آهي،

غيرت جي نالي تي قتل جو نه رياستي، نه قومي، نه سماجي ۽ نه ئي مذهبي روايت سان ڪو تعلق آهي. غزاله گولا ايوان کان مطالبو ڪيو ته رياست پنهنجي ذميواري نڀائي ۽ جوابدارن کي قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي.

جُولاءِ 23, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو