ڳاڙهو ۾ سوزوڪي ڊرائيور انور ملاح جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، پوليس اصل قاتل بس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو

Spread the love

ٺٽو (رپورٽ: نظير احمد قريشي)  ڳاڙهو شھر جي رهواسين سوزوڪي ڊرائيور انور ملاح جي قتل ڪيس ۾ پوليس کي اڳڀرائي حاصل، ڳاڙهو پوليس اصل قاتل تائين پهچي ويئي، تفصيل موجب 13 ڏينھن اڳ 9 جولائي صبح سوير سول ڪورٽ ڳاڙهو جي ڀر سان سوزوڪي ڊرائيور انور ملاح جو لاش پوليس کي مليو ھو،

پوليس لاش کي تحويل ۾ وٺي رورل ھيلٿ سينٽر ور کان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪرڻ بعد ڳاڙھو پوليس مختلف رخن کان جاچ شروع ڪرڻ کانپوءِ اصل قاتل بس ڊرائيور احمد مهيري کي گرفتار ڪري ورتو آھي،

جنهن جاچ دوران انڪشاف ڪيو آهي ته 9 جولاء تي صبح سويل ڳاڙهو کان ڪراچي وڃي رهيا هئاسين تہ تيز رفتاري سبب سول ڪورٽ ڳاڙهو جي ڀر سان بيٺل سوزوڪي ڊرائيور انور ملاح کي بس جو ٽڪر لڳي ويو،  جيڪو موقعي تي فوت ٿي ويو،

جنھن بعد خوف سبب آء هتان مسافر بس کڻي فرار ٿي ويس. ٻئي طرف سول سوسائٽي توڙي فوتي جي وارثن ڳاڙھو پوليس پاران عدل انصاف تي ٻڌل جاچ ڪري اصل قاتل تائين پهچي قاتل بس ڊرائيور کي گرفتار ڪري بيدردي سان مارجي ويل سوزوڪي ڊرائيور انور ملاح جي خون سان انصاف ڪيو اھي، جنھن تي پوليس جس لھڻي ٿي.

جُولاءِ 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو