ڪراچيءَ ۾ گرفتار مزدور اڳواڻ علي مردان شيخ جي آزادي جو مطالبو، پيپلز ليبر بيورو پاران حڪومت کي ڌمڪي
سکر( رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ ) ڪراچيءَ ۾ گرفتار علي مردان شيخ سميت مزدور اڳواڻن جي آزادي جو مطالبو – لوڪل گورنمينٽ جي ملازمن جي اڳواڻ علي مردان شيخ کي ڪراچيءَ ۾ احتجاج دوران گرفتار ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. غلام اڪبر سارنگ چانڊيو خبر موجب پيپلز ليبر بيورو سکر ڊويزن جي صدر غلام اڪبر سارنگ چانڊيو پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سکر ضلعي جي جنرل سيڪريٽري ۽ لوڪل گورنمينٽ جي ملازمن جي اڳواڻ علي مردان شيخ کي ڪراچيءَ ۾ احتجاج دوران گرفتار ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا.
هن چيو ته علي مردان شيخ پنهنجي ساٿين سميت مزدورن جي جائز حقن لاءِ پرامن احتجاج ڪري رهيو هو، پر ان جي باوجود پوليس پاران کيس گرفتار ڪيو ويو، جيڪو سراسر غير قانوني ۽ غير جمهوري عمل آهي. غلام اڪبر سارنگ وڌيڪ چيو ته اسان سمورا مزدور اڳواڻ، سماجي اڳواڻ ۽ پيپلز ليبر بيورو جا ڪارڪن سراپا احتجاج آهيون ۽ حڪومت کان گهر ڪيون ٿا ته فوري طور تي علي مردان شيخ سميت گرفتار مزدور اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي.
سارنگ چانڊيو چيو ته سنڌ حڪومت کي مزدورن جي جائز مطالبن کي تسليم ڪرڻ گهرجي، جيئن ته مهانگائي جي هن دور ۾ ملازمن جي معاشي حالتون انتهائي خراب ٿي چڪيون آهن. سرڪاري ملازمن کي وقت سر پگهارون، واڌو الائونسز، رٽائرمينٽ فائدن ۽ روزگار جي تحفظ جي ضرورت آهي، جيڪي سندن آئينی حق آهن.
هن چيو ته جيڪڏهن گرفتار اڳواڻن کي جلد آزاد نه ڪيو ويو ته پيپلز ليبر بيورو صوبائي سطح تي احتجاجي تحريڪ شروع ڪندي، جنهن جي ذميواري سنڌ حڪومت تي عائد ٿيندي. غلام اڪبر سارنگ چانڊيو سنڌ جي چيف منسٽر، چيف سيڪريٽري، ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کان مطالبو ڪيو ته هو معاملي جو نوٽيس وٺي مزدور اڳواڻن جي آزادي کي يقيني بڻائين.
جُولاءِ 22, 2025