پنو عاقل ۾ شهيد لانس نائڪ نذير احمد جي نالي سان جديد عوامي انتظار گاه جو افتتاح، پاڪ فوج جو شهيدن سان والهه وارو عمل

Spread the love

سکر (رپورٹ:امداد گل ڪلوڙ)پاڪ فوج ۽ ضلعي انتظاميه جي گڏيل سهڪار سان شهيد لانس نائڪ نذير احمد جي ياد ۾ پنو عاقل ڇانوڻي جي ٻاهران جديد سهولتن سان ليس عوامي انتظار گاه تعمير ڪئي وئي آهي. جي او سي پنو عاقل ميجر جنرل شهريار قريشي ان انتظار گاه جو باقاعدي افتتاح ڪيو، جنهن موقعي تي هڪ شاندار تقريب جو اهتمام پڻ ڪيو ويو.افتتاحي تقريب ۾ شهيد جي وارثن، پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن، ضلعي انتظاميه جي نمائندن ۽ مقامي معززن سميت شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

شهيد جي وارثن جي چهراڻ تي خوشي واضح هئي، جڏهن انهن پنهنجي والد جي نالي سان منسوب يادگار انتظار گاه کي ڏٺو.شهيد لانس نائڪ نذير احمد جو واسطو پنو عاقل شهر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ سان هو، جيڪو سال 2004ع ۾ هڪ اهم آپريشن دوران دهشتگردن سان مقابلي ۾ شهيد ٿيو. سندس لازوال قرباني کي يادگار بڻائڻ لاءِ پاڪ فوج ۽ سول انتظاميه پاران هي انتظار گاه تعمير ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ عام شهرين لاءِ ٿڌي پاڻي، پنکا، لائيٽون ۽ ويهڻ لاءِ مناسب سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن.

تقريب دوران شهيد نذير احمد جي پٽن چيو ته هو پاڪ فوج جا ٿورائتا آهن، جن سندن والد جي قرباني کي نه وساريو. هنن جو چوڻ هو ته هاڻ هر اهو مسافر جيڪو هتان گذر ڪندو، هو ضرور سندن والد کي ياد ڪندو، جيڪو انهن لاءِ فخر جو مقام آهي.تقريب جي مهمان خاص جي او سي پنو عاقل ميجر جنرل شهريار قريشي شهيد جي وارثن سان هٿ ملايو، سندن همت ۽ قرباني کي ساراهيو ۽ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي شهيد جي وارثن پاران اظهارِ تشڪر طور يادگاري تحفا پڻ پيش ڪيا ويا.تقريب ۾ موجود شهرين پاڪ فوج جي انسان دوست قدم کي ساراهيندي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ ’’پاڪ فوج زنده باد‘‘ جا نعرا هنيا.

شهرين جو چوڻ هو ته شهيدن جي قربانين کي اهڙي نموني ياد ڪرڻ هڪ مثبت روايت آهي، جيڪا نئين نسل کي حب الوطني جو پيغام ڏئي ٿي.هي انتظار گاه نه رڳو هڪ سهولت آهي، پر اهو هڪ علامت به آهي اُن عزم جي ته هي قوم پنهنجن شهيدن کي هميشه ياد رکندي ۽ سندن قربانين کي نسل در نسل ساراهيندي رهندي.

جُولاءِ 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو