نوابشاهه ۾ ميونسپل ڪارپوريشن ملازمن جو احتجاج، انجنيئر ياسين ڀنگوار خلاف قتل ڪيس جي شفاف جاچ جو مطالبو

Spread the love

نوابشاھ ( رپورٽ: عبدالفتاح رند) ميونسپل ڪارپوريشن شهيد بينظير آباد جي ڪمشنر عبدالرزاق شيخ جي اڳواڻي ۾ ڪارپوريشن جي ملازمن نوابشاهه پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. مظاهري دوران ملازمن چيو ته ڪارپوريشن جي انجنيئر ياسين ڀنگوار ۽ سندس ٻن ڀائرن تي ڀنگوار برادري جي 6 ماڻهن جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جيڪو سراسر ناانصافي آهي.

هنن چيو ته ياسين ڀنگوار ۽ سندس ڀائر اعليٰ تعليم يافته ۽ شريف ماڻهو آهن. 6 معصوم ماڻهن جو قتل انتهائي افسوسناڪ عمل آهي، پر بيگناهن کي ملوث ڪرڻ به ظلم آهي  اسان ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي شهيد بينظير آباد کان مطالبو ڪريون ٿا ته هڪ انڪوائري ڪميٽي جوڙي وڃي ۽ مڪمل طور تي ميرٽ تي جاچ ڪرائي وڃي. جيڪڏهن ياسين ڀنگوار ۽ سندس ڀائر هن قتل ڪيس ۾ ملوث نڪرن ته ضرور سزا ڏني وڃي، پر جيڪڏهن هو بيگناه ثابت ٿين ته سندن نالا ايف آءِ آر مان خارج ڪيا وڃن.

جُولاءِ 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو