سنڌ پوليس ۾ ويٽنگ لسٽ وارن اميدوارن جو نوابشاهه ۾ احتجاج، روزگار جي فراهمي جو مطالبو

Spread the love

نوابشاه (رپورٽ: عبدالفتاح رند) 2024 ۾ ايس پي ڊي زيرو ون سنڌ پوليس ۾ پاس ٿيل اميدوارن عارف بروھي،راحيل خاصخيلي غلام الدين جلباڻي ياسر زرداري اميد علي شنباڻي ۽ٻين نوابشاهه پريس ڪلب ٻاھران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته اسان 2024 ۾ سنڌ پوليس ۾ اپلاءِ ڪري لکت فزيڪل ٽيسٽ ڪيئلر ڪئي آھي پر اسان کي ان باوجود ويٽينگ لسٽ ۾رکيو ويو آهي اسان سان نا انصافي ڪئي وئي آهي

 جڏهن ته اسان پنهنجي حق جي لاء گذريل 3 مھينن کان مختلف شھرن م احتجاج ڪري رهيا آهيون تازوئي ڪراچي پريس ڪلب جي سامهون اسان جي نوجوانن تي پوليس لاٺي چارج ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ء ڪيترن ئي دوستن کي گرفتار ڪري زخمي ڪري ڇڏيو ان واقعي جي مزمت ڪيون ٿا ھنن چيو ته حڪومت ڌر سان ڪيترائي ڀيرا ڳالھيون ٿيون آھن پر ڏٽا ۽ آسرا ڏنا وڃن ٿا ھنن بلاول ڀٽو زرداري وزير اعلي سنڌ ء ھوم منسٽر کان مطالبو ڪيو تہ اسان پوليس ڪانسٽيبل لاءِ ويٽنگ لسٽ وارن نوجوانن کي روزگار ڏئي بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

جُولاءِ 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو