ڦلجي اسٽيشن: زال تي فائرنگ ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج، متاثر جو انصاف جو مطالبو

Spread the love

ڦلجي اسٽيشن (رپورٽر غلام حيدر پنهور) زال کي گوليون ھڻي زخمي ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪريو ،زخمي عورت جو مڙس پنهنجي ڀاء سان گڏجي ايوان صحافت پريس ڪلب پهچي ،  پيارو اسٽيشن شهر واسي پورهيت شاھد چانڊيو، پنهنجي ڀاء عباس چانڊيو  سان گڏجي  زال ريما چانڊيو کي سڌيون گوليون هڻي زخمي ڪندڙ  جوابدارن جي گرفتاري لاء ايوان صحافت پريس ڪلب تي پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو ،

 ان موقعي تي پورھيت چيو ته  ٽي ھفا اڳ  پوليس اهلڪار طالب چانڊيو هٿيار بند ساڻ ڪري ڏينهن ڏٺي جو  گهر تي ڪاه منهنجي زال ريما کي سڌيون گوليون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو ، پوليس جي نااهلي   جي ڪري جوابدار آساني سان فرار ٿي ويا ، مان پنهنجي زال کي علاج لاء حيدرآباد اسپتال پهچايو جتي سندس علاج ھلندڙ آهي ، مان رڪڻ ٿاڻي تي حملو ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاء ٿاڻي جا چڪر ڪاٽيا پر پوليس ڪيس داخل نه ڪيو جنهن کان پوء مان ڪورٽ جو در کڙڪايو ڪورٽ سڳوري جي حڪم تي پوليس اهلڪار طالب چانڊيو سميت ستن جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو ويو

پر هن مھل تائين هڪ به جوابدار گرفتار نه آهي ڪيو ويو ، طالب چانڊيو ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاء مختلف طريقن سان ڌمڪائي رهيو آهي ، هن وڌيڪ چيو ته معصوم ٻارڙا ماء لاء ڪيهاٽ ڪري رهيا آهن پر ڪنهن کي رحم نه ٿو اچي ، هن ايس،ايس،پي دادو سميت وس وارن کان گھر ڪندي چيو ته زال کي زخمي ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ،

جُولاءِ 21, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو