ٺٽو: ڌاٻيجي پوليس جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار نوجوان کي هاءِ ڪورٽ مان ضمانت، وڪيل سرويچ عباسي جي ڪامياب قانوني ڪوشش
ٺٽو( رپورٽ: نظير احمد قريشي)ڌاٻيجي پوليس جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار نوجوان کي هاءِ ڪورٽ مان ضمانت، ايڊووڪيٽ سرويچ عباسي جي قانوني ڪوششن سان انصاف ملي ويو ڌاٻيجي پوليس اسٽيشن پاران ايف آئي آر نمبر 25-61 سي اين سي ايڪٽ تحت مقبول احمد شولاني تي 1750 گرام چرس رکڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري جيل موڪليل نوجوان کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي آئيني بينچ ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
مذڪوره نوجوان جي قانوني پيروي ٺٽو جي سينيئر قانوندان ۽ ايوانِ صحافت ٺٽو جي اعزازي ميمبر ايڊووڪيٽ سرويچ عباسي ڪئي، جن جي محنت، دليلن ۽ قانوني ڄاڻ جي بنياد تي عدالت نوجوان کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڏنو.
واضح رهي ته منشيات جي اهڙي نوعيت جي ڪيسن ۾ عام طور تي ضمانت جو ملڻ انتهائي مشڪل هوندو آهي، پر ايڊووڪيٽ سرويچ عباسي جي محنت سان عدالت کي قائل ڪيو ويو ته گرفتار ٿيل نوجوان بي گناهه آهي. نوجوان جي آزادي کان پوءِ سندس مائٽن ۽ پاڙي وارن ايڊووڪيٽ سرويچ عباسي جي خدمتن کي ساراهيندي کين دعائون ڏنيون ۽ چيو ته: اسان جي بي گناهه اولاد کي انصاف ڏياري، اسان جي گهر ۾ ٻيهر خوشي واپس آندي وئي. ٺٽي سان تعلق رکندڙ نوجوان ۽ نامياري وڪيل سرويچ عباسي سنڌ ھائي ڪورٽ مان چرس جي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايل نوجوان جي ضمانت منظور ڪرائيندڙ
سرويچ عباسي جو چوڻ آھي تہ ھن وقت 100 گرام واري چرس جو بہ ضامن نٿو ٿئي ھن چيو تہ اسان مڪمل منشيات جي خلاف آھيون پر ڪنھن بيگناھ جي گرفتاري تي بہ خاموش نہ ويھنداسين ھن چيو تہ مذڪورہ ڪيس ۾ منھنجي مؤڪل مٿان 1750 گرام چرس رکڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ٿيل ھو جنھن جو ضامن ڪرائڻ تي دلي خوشي محسوس ٿي آھي
جُولاءِ 21, 2025