هاشم آملا، ويرات ڪوهلي کي آل ٽائيم فيورٽ بيٽر قرار ڏئي ڇڏيو

Spread the love

برمنگهم( ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا جي اڳوڻي بيٽر هاشم آملا پنهنجي ٽن آل ٽائيم فيورٽ بيٽرن جا نالا ٻڌائي ڇڏيا آهن، جن ۾ ڏکڻ آفريڪا، آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز جا ليجنڊز شامل آهن.
ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز ۾ ڏکڻ آفريڪا چيمپئنز جي نمائندگي ڪندڙ هاشم آملا چيو ته ته برائن لارا، اسٽيوا وا ۽ جيڪ ڪيلس سندس ٻالڪپڻ جا فيورٽ ڪرڪيٽر آهن.
هن ويرات ڪوهلي، اي بي ڊي ويليئرز ۽ سر ويوين رچرڊز کي به پسنديده ڪرڪيٽرز قرار ڏنو.
واضح رهي ته هاشم آملا کي ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ جي تاريخ جي ڪامياب ترين بيٽرن منجهان هڪ هو، هن 2004 کان 2019 تائين 124 ٽيسٽ، 181 ون ڊي ۽ 44 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ گڏيل طور تي 18672 رنسون ٺاهيون.

جُولاءِ 21, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو