ملير ۾ منشيات فروشن خلاف پوليس جون ڪارروايون: عورت سميت ٻه جوابدار گرفتار، منشيات هٿ

Spread the love

  ملير (ڊر ) پوليس مختلف علائقن ۾ڪارروايون ڪندي منشيات جي وڪري جي الزام هيٺ هڪ عورت سميت ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي ملير ڪينٽ پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي سائمہ ارشاد کي گرفتار ڪري وٺانس 520 گرام چرس ۽ نقدي رقم هٿ ڪري ورتي

ٻئي طرف گڏاپ سٽي پوليس سپر هاءِ وي ويجهو ڪاروائي ڪندي جوابدار سيف الله کي گرفتار ڪري وٺانس وڏي مقدار ۾ منشيات گٽڪا ماوا ۽ سپاري هٿ ڪري ورتيايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادي جو چوڻ آهي ته منشيات فروشن خلاف بغير ڪنهن فرق جي ڪارروائيون جاري رهنديون گرفتار ڪيل جوابدارن جي وڌيڪ ساٿين جي ڳولا ڪئي پئي وڃي گرفتار جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري کين وڌيڪ ڪارروائي لاءِ جاچ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي

جُولاءِ 21, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو