سڪرنڊ ۾ هڪ رات ۾ ٽن وارداتن سان ڏهڪاءُ، امن امان جي صورتحال تي سواليا نشان
سڪرنڊ(رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ ۾ ھڪ رات ۾ ٽي وارداتون. امن، نه سڪون. سڪرنڊ ۾ ڦورو ۽ چور ڄڻ ته خود قانون هجن ۽ قانون به انهن جي خوف کان يا شايد ڀوتارن جي چوڻ سبب خاموش آھي. پهريون واقعو جنهن ۾ ون ٽو فائيو سوار ڏوھاريي اسامہ آرائين کان 8000 هزار روڪ رقم اي ٽي ايم ڪارڊ 2 ٽچ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
ٻيو واقعو شھري اتحاد سڪرنڊ جي ميمبر شعيب ڀٽي کان 27000 ھزار ۽ موبائيل فون ڦرجي وئي. ٽيون واقعو ڳوٺ ساند ڪيريو ڀرسان ٻن واٽھڙن جن جا نالا معلوم ٿي نه سگهيا آهن کان ڦورو روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ياد رهي ته سڪرنڊ ۾ امن امان جي صورتحال سدائين خراب رهندي پئي اچي ۽ امن قائم ڪرڻ ڪرڻ لاءِ صرف ايس ايڇ اوز تبديل ٿيندا رهندا آهن.
جُولاءِ 21, 2025