سڪرنڊ: هارين جو بااثر قبضه مافيا خلاف احتجاج، زمين واپسي ۽ تحفظ جو مطالبو
نوابشاه( رپورٽ: عبدالفتاح رند) تعلقي سڪرنڊ جي صابو راهو اسٽاپ لڳ ڳوٺ حاجي خان بنگلاڻي جي رھواسي هارين ۽ پورهيتن علم الدين بنگلاڻي نياز علي عباس علي سانوڻ خان اسحاق علي ۽ ٻين ڳوٺ جي بااثر قبضه مافيه خلاف نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان ابن ڏاڏن کان سيد طالب حسين شاه جي ست ايڪڙ زمين تي هارپو ڪندڙ آهيون پر ڳوٺ جي قبضه مافيا جيڪي سڀ سرڪاري ملازم پڻ آهن
جن ۾ مٺو خان بنگلاڻي حاضر سروس فوجي مير حسن ۽ ايس ٽي پي جو گل حسن بنگلاڻي خير علي ۽ دلدار بنگلاڻي زمين جا جعلي ڪاغذ ٺهرائي اسان کان هارپو کسرائي ڇڏيو ۽ گذريل ڏهن سالن کان مذڪورہ زمين غير آباد آهي هاڻ بااثرن اسان لاءِ پنهنجو ئي گهر نو گو ايريا بڻائي ڇڏيو آهي عورتن ۽ ٻارڙن کي اغوا ڪرڻ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن
ھنن سنڌ حڪومت آئي جي سنڌ ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد کان مطالبو ڪيو ته بااثر قبضه مافيه خلاف فوري طور قانوني قدم کڻي اسان کي هارپي جي زمين واپس ڏياري تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي
جُولاءِ 21, 2025