سيوھڻ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف امن ڪاميٽي جي سڏ تي احتجاجي ريلي: پوليس ۽ حڪومت کان فوري قدم کڻڻ جو مطالبو

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي) سيوھڻ شھر ۾ ڪجھ ڏينھن پھريان امن ڪاميٽي جو عمل قيام ۾ آندو ويو ھئو، جنھن ۾ فيصلو ڪيو ويو ھئو تہ سيوھڻ ۾ امن امان جي حالت خراب آھي، جنھن لاء اڄوڪي تاريخ تي احتجاج جو سڏ ڏنو ويو ھئو، ان سلسلي ۾ اڄ تاريخ 21-07-2025 جي ڏينھن

امن ڪاميٽي جي سڏ تي سيوهڻ ۾ وڌندڙ بدامني، ڌاڙن، چورين، اغوا ۽ قتل خلاف لائبريري ۽ اي ايس پي آفيس کان ڌمال چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ھن ريلي ۾ واپارين، شهرين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،مظاهرين پوليس ۽ ايس ايڇ او سيوهڻ تي ڏوهارين سان ملي ڀڳت جا الزام لڳائيندي چيو ته سيوهڻ جهڙو روحاني شهر مڪمل طور غير محفوظ بڻجي ويو آهي،

 جڏهن ته ون فائيو سروس به موجود هجڻ باوجود  به غير مؤثر آهي،  ھن ريلي ۾ مظاهرين مطالبو ڪيو آھي ته سيوهڻ ۾ فوري طور تي امن امان قائم ڪيو وڃي، پوليس جي ڪن مهٽ ڪئي وڃي ۽ عملي کان سخت ڊيوٽي ورتي وڃي ته جيئن ايندڙ وقت ۾ ڏوهن ۾ گهٽتائي اچي،مظاهرين وڌيڪ چيو ته وزير اعليٰ سنڌ جو شهر آهي، ان ڪري سنڌ حڪومت کي به هتي جي بدامني جو نوٽيس وٺڻ گهرجي،

۽ آءِ جي سنڌ پاڻ سيوهڻ جي خراب صورتحال جو نوٽيس وٺي ۽ معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي ته ڏوهارين کي ڪير پٺڀرائي ڏئي رهيو آهي،مظاهرين خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سيوھڻ شھر ۾ امن امان بحال ڪرڻ لاء جلد قدم  نه کنيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

جُولاءِ 21, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو