نوابشاھ: قائد عوام يونيورسٽي جي ٽيچرز ايسوسيئيشن پاران استادن خلاف ڪوڙن ڪيسن خلاف سخت ردعمل، احتجاجي تحريڪ جو اعلان
نواب شاھ ( رپورٽ: عبدالفتاح رند) قائد عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي نواب شاھ جي ٽيچرز ايسوسيئشن پاران يونيورسٽي جي پروفيسرن توڙي ٻين استادن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ خلاف سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويو آھي انھي سلسلي ۾ ٽيچر ايسوسيئشن جي صدر پروفيسر ڊاڪٽر رجب ملوکاڻي نائب صدر ڊاڪٽر نديم ڀٽي جنرل سيڪريٽري ثناءُ الله ڏھراج جوائنٽ سيڪريٽري ڊاڪٽر منيبہ ميمڻ ۽ ٻين استادن چيو ته يونيورسٽي جي استاد ڪنھن ڪرپشن ۾ ملوث نه آهن
سندن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين پريشان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ھنن چيو ته اداري ۽ استادن جي ميڊيا ٽرائل ڪري کين بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ھنن چيو ته يونيورسٽي جا پروفيسر ٻاهرين ملڪن مان اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ، بين الاقوامي سڃاڻپ رکندڙ آھن جيڪي ايمانداري ۽ سچائي سان خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن انھن کي حراسان ڪرڻ جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي ھنن چيو ته ٻن ڏينھن اندر جنرل باڊي جو اجلاس گھرائي وڌيڪ لائحه عمل جوڙي اھڙي خلاف ڀرپور نموني احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي ايماندار استادن مٿان پروڪيورمينٽ جا بي بنياد الزام لڳايا ويا آھن
قائد عوام يونيورسٽي ۾ جيڪا به پروڪيورمينٽ ڪئي وئي آھي انھي جا اخبارن ۾ اشتھار ڏنا ويا قانوني گھرجون پوريون آھن ھي صرف اداري ۽ استادن کي ڪجھ عناصر بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ھنن چيو ته يونيورسٽي ڪالوني ۾ پوليس جي وڏي نفري جي موجودگي انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهي، جنهن ڪري يونيورسٽي جي پروفيسرن جي خاندانن ۾ خوف ۽ حيراث پکڙيل آھي ھنن چيو ته ٻاهرين ملڪن مان پي ايڇ ڊي ڪندڙ پروفيسرن سان جيڪڏھن اھڙو سلوڪ اختيار ڪيو ويو ته ڪو به پڙھيل لکيل ماڻھو ھتي جي ادارن ۾ ڪم نه ڪندو اسان قانون جا پابندي معزز شھري آھيون جيڪڏھن اھڙو رويو برقرار رھيو ته ڀرپور نموني پوري ملڪ جي يونيورسٽين جا استاد روڊن تي نڪرندا ھنن چيو ته اسان گھر ڪيون ٿا ته بدنيتي ۽ ذاتي انا جي ڪري استادن کي بدنام ڪرڻ بند ڪري شفاف غير جانبدار جاچ ڪئي وڃي
جُولاءِ 20, 2025