نئين لنڪ روڊ تي فلاءِ اوورز جي اڻهوند خلاف مقامي ماڻهن جو احتجاج، روڊ بند
ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) نئين لنڪ روڊ تي فلاءِ اوورز نه بڻجڻ خلاف مقامي ماڻهن جو احتجاج، روڊ بند نئين ٺهيل لنڪ روڊ تي حاجي آدم سالار ۽ شاهه محمد سالار واري هنڌ تي فلاءِ اوورز نه بڻجڻ خلاف مقامي رهواسين ٽول پلازه وٽ سخت احتجاج ڪندي روڊ تي ڌرڻو هنيو،
جنهن سبب روڊ هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ بند رهيو ۽ ٽريفڪ مڪمل طور تي معطل ٿي وئي.احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻي محمد سليم سالار، عبدالرزاق سالار، عبدالحڪيم سالار، افضل احمد سالار، غلام رسول سالار، محمد رمضان سالار، ڪرم الدين سالار ۽ نور حسن سالار ڪري رهيا هئا. مظاھرو ڪندڙن جو چوڻ هو ته جڏهن روڊ جي تعمير شروع ٿي هئي،
تڏهن اشرف ڊي بلوچ ڪمپني ۽ سنڌ حڪومت سان ڳالهه ٻولهه ڪندي مقامي ماڻهن مطالبو ڪيو هو ته ٻن اهم هنڌن تي فلاءِ اوورز ٺاهيا وڃن، ڇو ته هن روڊ جي ٻنهي پاسن تي 50 کان وڌيڪ ڳوٺ آباد آهن، ۽ عام عوام، شاگردن، اسڪول وينن ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ لاءِ هي رستو ئي واحد ذريعي آهي.مظاهرو ڪندڙن الزام لڳايو ته صوبائي وزير سيد قاسم نويد شاهه،
ايم اين اي سردار جام عبدالڪريم جوکيو ۽ ايم پي اي محمد ساجد جوکيو مقامي ماڻهن سان واعدو ڪيو هو ته فلاءِ اوورز روڊ جي افتتاح کان اڳ مڪمل ڪيا ويندا، پر هاڻي ٻڌو پيو وڃي ته روڊ جو افتتاح سنڌ جو وڏو وزير ڪرڻ وارو آهي، پر اڃا تائين فلاءِ اوورز تي هڪ پٿر به نه رکيو ويو آهي.
مقامي آبادي سخت مايوسي جو اظهار ڪندي چيو ته جيستائين فلاءِ اوورز جو ڪم شروع نٿو ٿئي، تيستائين روڊ کي ٽرانسپورٽ لاءِ نه کوليو وڃي. سندن مطالبو هو ته سنڌ حڪومت ۽ چونڊيل نمائندا پنهنجا واعدا پورا ڪن، ٻي صورت ۾احتجاج، روڊ بلاڪ، هڙتال ۽ عدالتن تائين جدوجهد جاري رهندي.
جُولاءِ 20, 2025