سکر ۾ تيز برساتن ميونسپل انتظاميا جي ناقص ڪارڪردگي کي وائکو ڪري ڇڏيو، روڊن تي پاڻي، صفائي جي صورتحال خراب
سکر(رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) سکر ۾ تيز برساتن ميونسپل انتظاميا جي ڪارڪردگي جا پول کولي ڇڏيا ۔ شهر ۾ پاڻي جمع ٿي ويو، روڊ ڍنڍون بڻجي ويا، گهٽين ۾ گندگي جا ڍير ٿي ويا ان سلسلي ۾ ملڪ جي ٻين علائقن کان پوءِ سکر ۾ ڇنڇر رات ۽ آچر ڏينهن ٿيندڙ هلڪي ۽ تيز برساتن ميونسپل ۽ ضلعي انتظاميا طرفان برساتن سبب پيدا ٿيل صورتحال کان بچڻ لاء ڪيل اجلاسن ۽ وڏن دعوائن جا پول کولي ڇڏيا آهن۔
گزريل رات کان جاري برسات کانپوءِ سکر جي مختلف مکيه واپاري مرڪزن سميت شاهراهن ۽ ڪاروباري ماڳن تي ڪيترائي فوٽ پاڻي جمع ٿي ويو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب گاڏيون ڦاسي پيون عوام جي سهولتن لاء ملندڙ فنڊ جو زيان عوام بلدياتي سهولتن کان محروم بڻيل، شهري ۽ سماجي حلقن شهر ۾ صفائي جي خراب حالت تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته ميئر سکر ۽ ميونسپل انتظاميا جي ناقص ڪارڪردگي جو ثبوت آهي،اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي طرفان اڳواٽ اطلاعن جي باوجود نيڪال جي نظام کي درست نه ڪرڻ ميونسپل آفيسرن جي سستي، غفلت، لاپرواهي جو بدترين مثال آهي،
حڪومت ۽ لاڳاپيل اختياريون سکر ۾ مفلوج نيڪال جي نظام، صفائي جي خراب صورتحال ۽ شهر جي تباهي جو نوٽيس وٺي شهر جي تباهي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪن ۽ سنڌ جي ٽئين وڏي شهر سکر جي ڊگهي مسئلن جي حل لاءِ هنگامي بنيادن تي مخلصانه قدم کنيا وڃن ته جيئن شهرين جي مسئلن جو حل ٿي سگهي.
جُولاءِ 20, 2025