دادو: مزدور آباد ۾ 6 ورهين جي نينگر سان مبينا زيادتي، ٻه جوابدار فرار، پوليس ڇاپا لڳائي رهي آهي

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي )دادو: مزدور آباد ۾ 6 ورهين جي نينگر سان مبينا نامناسب عمل، ٻه ڄڻا فرار  دادو جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد، مزدور آباد واري علائقي ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي مبينا طور تي 6 ورهين جي نينگر خالد حسين پٽ حسين بخش خاصخيلي سان نامناسب عمل ڪيو ويو،

جنهن کان پوءِ ٻئي مبينا جوابدارن واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويا نينگر جي والد حسين بخش خاصخيلي جي فرياد تي جوابدارن مزدور آباد جي رهواسين خادم عرف ڀولو ٿهيم ۽ محبوب علي عرف بوبڪ مستوئي خلاف اي سيڪشن ٿاڻي تي اين سي رپورٽ داخل ڪئي وئي،

جنهن جي بنياد تي پوليس حرڪت ۾ اچي وئي پوليس طرفان نينگر کي ميڊيڪل چڪاس لاءِ ليٽر جاري ڪري ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو ويو، جتي ڊيوٽي ڊاڪٽر پاران ابتدائي رپورٽ ۾ واقعي جي تصديق ڪئي وئي آهي اي سيڪشن پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهيا آهيون، جلد کين قانون جي گرفت ۾ آڻي انصاف کي يقيني بڻايو ويندو

جُولاءِ 20, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو