جبري طور مذهب جي تبديلي ۽ قانون جي ڪمزوري؟!
سنڌ ڌرتي جيڪا رواداري، هندومسلم اتحاد، ۽ صوفياڻي فڪر جي ڌرتي رهي آهي اڄ اها ساڳي ڌرتي انتهاپسندي جي باهه ۾ سڙي رهي آهي، ڪڏهن ڪنهن مسلمان تي ذاتي رنجشن سبب توهين جا الزام لڳائي قتل ڪرڻ ته ڪٿي وري 12 کان 14 سالن جي معصوم هندو ڇوڪرين کي اغوا ڪري جبري مذهب تبديلي جو شڪار ڪيو ويندو آهي، ۽ انهن موضوعن تي صوبائي حڪومت، عدالتي ناانصافين ۽ سماجي خاموشي وڌيڪ خطرناڪ بڻائي ڇڏيو آهي.
اڳي ڪڏهن ڪڏهن پر هاڻ تقريبن هر روز اخبارن ، ٽي وي ، سوشل ميڊيا تي پڙهيو ۽ ڏٺو ويندو آهي ته ڦلاڻي جڳهه تان ڇوڪري غائب ٿي ، مائٽن اغوا جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اها ڇوڪري مذهب تبديل ڪري مسلمان ٿي ڪورٽ ۾ شادي ڪري ڇڏي. ڏسجي ته 14 کان 16 سالن جي عمر واري ڇوڪري ذهني طور نابالغ هوندي آهي ۽ هڪ نابالغ ڇوڪري ڪيئن ٿي اهڙا فيصلا ڪري سگهي؟ خاص ڪري مذهب تبديل ڪري شادي وغيره ڪرڻ، سنڌ ۾ هيستائين جيڪي به مذهب تبديلي جا ڪيس ٿيا آهن انهن جو آخر ۾ انجام تمام گهڻو خراب ٿيو آهي، سلطان آباد ۾ ٽن هندو نياڻين جي وڊيو بيان جڏهن مون ڏٺو ته هو مونکي هيسيل نظر آيون، ڊنل نظر آيون، ڪافي ماڻهو انهيءَ معاملي تي اهو به چوندي نظر آيا ته جواني ديواني هوندي آهي پر 15 سالن جي عمر واري ڇوڪري کي جوان ڪيئن ٿو سڏي سگهجي؟ ڳالهه صاف ظاهر آهي ته انهن ڇوڪرين کي بليڪ ميل ڪيو ويندو آهي، جذباتي ڪري کين گهر ڇڏايو ويندو آهي ۽ هڪ اهڙي ڪوڙڪي تيار ڪئي ويندي آهي جنهن ۾ ڦاسڻ کانپوءِ هو ڦٿڪڻ باوجود به نڪري ناهن سگهنديون ۽ پاڻ ته سموري عمر لاءِ غلام ٿي وينديون آهن پر ان جا ماءُ پيءُ به روئيندا رهندا آهن هتي سوال صرف مذهب تبديلي جو ناهي پر ڇوڪرين جي رضا، عمر، نفسياتي حالت ۽ سماجي تحفظ جو به آهي، جڏهن هڪ ذهني طور نابالغ ڇوڪري اغوا ٿي هڪ وڏي عمر جي مرد سان شادي ڪري عدالت ۾ دٻاءُ ۾ بيان ڏي ته ڇا ان کي رضاڪاراڻا تبديلي چئي سگهجي ٿو؟
سنڌ اسيمبلي 2016 ۾ “Sindh Criminal Law(Protection Of Minorities) بل به پاس ڪيو پر مذهبي ڌرين جي سخت مخالفت ۽ صوبائي حڪومت تي دٻاءُ بعد اهو بل واپس ورتو ويو،افسوس جي ڳالهه ته اها آهي جو اهڙن ڪيسن ۾ گهڻو ڪري پوليس شڪايت داخل ڪرڻ کان انڪاري هوندي آهي، متاثر ڇوڪرين جي خاندان وارن کي ڌمڪيون ملن ٿيون، سنڌ ۾ هينئر ڪو به اهڙو قانون موجود ناهي جيڪو مذهب جي تبديلي لاءِ عمر جي حد مقرر ڪري، اهڙن ڪيسن کانپوءِ متاثر ڇوڪريون سڄي عمر لاءِ تڪليف، خوف ۽ بيگانيت جو شڪار ٿيڻ سان گڏوگڏ انهن جو خانداني، ۽ مذهبي واسطو به هميشه لاءِ ختم ٿي وڃي ٿو ۽ اقليتي برادريون به پاڻ کي بي يارو مددگار محسوس ڪنديون آهن،سائوٿ ايشيا پارٽنرشپ پاڪستان ۽ عورت فائونڊيشن جي 2015 جي سروي موجب پاڪستان ۾ هر سال گهٽ ۾ گهٽ 1,000 ڇوڪرين جو زوري مذهب تبديل ڪرايو وڃي ٿو، صرف عمرڪوٽ ضلعي ۾ هر مهيني 25 جبري شاديون ٿين ٿيون،پاڪستان هندو ڪائونسل موجب هر مهيني 50 هندو خاندان جبري مذهب مٽائڻ سميت ٻين ظلمن کان بچڻ لاءِ ملڪ ڇڏي وڃن ٿا،سنڌ ۾ جبري طور مذهب مٽائڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ غير محفوظ علائقا: ٿر (عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ۽ ميرپورخاص)، سانگهڙ، گهوٽڪي ۽ جيڪب آباد آهن.
ملڪ جي 231 ملين آبادي مان هندو صرف 2 سيڪڙو ۽ عيسائي 1.5 سيڪڙو کان به گهٽ آهن، مذهب تبديلي بعد ٿيندڙ شادين جا هيٺيان به ڪجهه سبب هي به آهن ته ڇوڪرين جي رضامنديءَ کان سواءِ شادي ۽ پسند سان شادي ڪرڻ جو حق بلڪل نه هجڻ برابر آهي، ڇوڪرين کي پير جي جتي سمجهيو ويندو آهي سردار ۽ وڏيرا، انتهاپسند مذهبي گروهه، ڪمزور مقامي عدالتون ۽ بي حس انتظاميه جو ڳٺ جوڙ به انهيءَ جو ذميوار آهي، اسڪولن جي درسي ڪتابن ۾ مذهبي اقليتن جي خلاف تعصب به ڪافي حد تائين موجود آهي، ننڍڙا ننڍڙا ٻار جڏهن ڪچي عمر ۾ اهو نصاب پڙهندا آهن ته انهن جي دل ۾ هندون لاءِ نفرت پيدا ٿيندي آهي،اسڪولن/ ڪاليجن ۾ نوجوان ڇوڪرين لاءِ سماجي ثقافتي ۽ جسماني صحت جي تعليم جي به کوٽ آهي، ۽ سڀ کان وڏي ۽ اهم وجهه سنڌ چائيلڊ ميريج ريسٽرنٽ ايڪٽ تي عمل نه ٿيڻ آهي، انڪري ئي هندو نياڻيون جن جي عمر 12 کان 15 سال مس هوندي آهي ان جي شادي ڪرائي ويندي آهي،مذهبي ادارا اسٽيٽس ڪو کي برقرار رکڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪن ٿا، جبري مذهب مٽائڻ لاءِ مخصوص قانوني فريم ورڪ ٺاهڻ کان پاسو ڪن ٿا، مدرسن ۽ ٻين مذهبي ادارن جي رجسٽريشن ۽ نگرانيءَ جو نه هجڻ به هڪ وجهه آهي.
پر هڪ ڳالهه نهايت ئي افسوس سان چوڻي پئجي رهي آهي ته پاڪستاني ادارا هينئر مذهبي تنظيمن جي اڳيان بي وس بڻيل آهن، هڪ طرف پاڪستان جي آئين مطابق اقليتن سميت هر مذهب جي ماڻهن کي برابر جو شهري هجڻ جي حق جي دعوا ڪئي ٿي وڃي ته ٻئي طرف وري انهن ئي سان ناروا سلوڪ ڪيو ٿو وڃي، هن جديد دور ۾ به اوهان اسڪولن، ڪاليجن ۾ ڏسندا ته هندو، عيسائي، سک وغيره لاءِ اڃان به پاڻي جو گلاس الڳ رکيو ويندو آهي مون پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي ته جنهن شاگردن وٽ پنهنجو پاڻي جو گلاس ناهي هوندو مطلب اسڪول يا ڪاليج کڻي ايندو ان کي ٻڪ ۾ پاڻي پياريو ويندو آهي، آخر اسين ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون؟ سڄي دنيا ۾ اسين پنهنجي ملڪ جو اميج خراب ڪري رهيا آهيون اهو به صرف چند مذهبي تنظيمن جي خوف کان يا انهن جي چوڻ تي؟ ڀلا جيڪڏهن هندو ڇوڪرين جي ننڍي عمر ۾ مذهب تبديلي ۽ پوءِ شادي خلاف بل منظور ڪيو ويو ته ان ۾ ڪهڙي غلط ڳالهه آهي؟ ۽ وري جڏهن ڪجهه تنظيمون انهيءَ بل خلاف اجلاس سڏائن ٿيون ته هڪ اهڙي شخص کي گهرايو ٿو وڃي جنهن جي مٿان جبري مذهب تبديلين جا ڪيترائي الزام پڻ آهن۔ سو ضرورت ان ڳالهه آهي ته 18 سالن کان گهٽ عمر جي ڇوڪرين جي مذهب تبديلي تي پابندي لڳائي وڃي.
جُولاءِ 20, 2025