پاڪستان جو لشڪرِ طيبه سان لاڳاپو ڄاڻائڻ حقيقتن جي ابتڙ آهي: پرڏيهي کاتو

اسلام آباد (ويب ديڪس) پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو. دهشتگردي لاءِ زيرو برداشت ۽ عالمي تعاون اسان جي پاليسي جي بنياد آهن. پاڪستان جو لشڪرِ طيبه سان ڪنهن به قسم جو لاڳاپو هجڻ زميني حقيقتن جي ابتڙ آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب،
پاڪستان دهشتگردي خلاف فرنٽ لائن رياست رهيو آهي، ۽ ايبي گيٽ بم ڌماڪي جي ماسٽر مائينڊ دهشتگرد شريف الله جي گرفتاري سميت ڪيترن ئي قدمن ذريعي عالمي امن جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اعلاميي ۾ چيو ويو آهي ته والاريل ڪشمير جي علائقي پَهَلگام ۾ پيش آيل واقعي جي جاچ اڃا تائين ڪنهن نتيجي تي نه پهتي آهي. پرڏيهي ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ پابندي مڙهيل تنظيم لشڪرِ طيبه سان لاڳاپن جو دعوى حقيقت جي خلاف آهي.
پاڪستان مؤثر ۽ جامع طريقي سان پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ڪارروائي ڪئي، انهن جي اعليٰ قيادت کي گرفتار ڪيو، انهن تي ڪيس هلايا ۽ تنظيمي ڍانچي کي ختم ڪيو ويو. اعلاميي ۾ چيو ويو آهي ته هي معاملو آمريڪا جي پنهنجن قانونن سان واسطو رکي ٿو، جڏهن ته ڀارت وٽ پاڪستان مخالف پروپيگنڊا ڪرڻ لاءِ اهڙن معاملن مان فائدو وٺڻ جو رڪارڊ موجود آهي. ڀارت مقبوضه ڪشمير سميت ٻين علائقن ۾ جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙي، غير ذميواراڻي ۽ جارحاڻي روش تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
جُولاءِ 19, 2025