هنگو ۾ آپريشن دوران ڊي پي او سميت 3 اهلڪار زخمي، پنج دهشتگردن ماريا ويا

هنگو (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا پوليس موجب ضلع هنگو ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن دوران ڊي پي او هنگو محمد خالد، ايس ايڇ او نبي خان ۽ هڪ قانون لاڳو ڪندڙ اداري جو آفيسر زخمي ٿي پيا، جڏهن ته پنج دهشتگرد مارجي ويا آهن.
ڊي ايس پي امجد حسين موجب، هنگو ضلعي جي شناوڙي زرگري علائقي ۾ دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ڊي پي او محمد خالد ۽ دو آبه ٿاڻي جو ايس ايڇ او نبي خان زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
هنگو پوليس ترجمان موجب، ڪارروائي ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا، ڊي پي او محمد خالد کي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد کيس پشاور منتقل ڪيو پيو وڃي.
اختيارين موجب، پوليس ۽ ايف سي هنگو ۾ دهشتگردن جي اطلاع تي وڏي پيماني تي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، علائقي ۾ ڪرفيو لاڳو آهي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به مختلف هنڌن تي مقرر آهن.
خيبرپختونخوا جي آءِ جي ذوالفقار حميد جو چوڻ آهي ته ڊي پي او هنگو جي حالت خطري کان ٻاهر آهي ۽ سندس حوصلا بلند آهن، آپريشن ۾ ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.