ملير: هينڊس پاڪستان جي سهڪار سان استادَ ٽريننگ، تعليمي بهتري لاءِ گڏيل قدم تي زور

Spread the love

ملير (ڊر )  ايجوڪيشن مينيجمينٽ آرگنائزيشن اسڪول پروجيڪٽ طرفان هينڊس جي سھڪار سان هلندڙ دبنه ڳوٺ اسڪول ۾  هينڊس پاڪستان جي طرفان ملير جي ٽئين اسڪولن جنهن ۾ سرجاڻي ٽائون، ڪيٽر ڪالوني ۽ دبنه ڳوٺ اسڪول جي 45 استادن ۽ گورنمينٽ اسڪول جي 10 استادن جي  ٽيچرس ٽريننگ تعليمي ماهرن ڏني ٽريننگ تقريب ۾ مهمان خاص يوسي درساڻو ڇنو چيئرمين نبي بخش پالاري وائيس چيئرمين مرتضيٰ يار محمد پپلزپارٽي اڳواڻ مجاهد احمد جوکيو سماجي اڳواڻ ذوالفقار پالاري هينڊس اڳواڻ خليل واڍيلو ۽ ٻين شرڪت ڪئي

 ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪا به قوم تعليم کان بغير ترقي نه ٿي ڪري سگهي هن وقت ملير جي پٺتي پيل علائقن ۾ تعليم جي بهتري لاءِ قدم کڻڻا پوندا هينڊس اڳواڻ خليل واڍيلو چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته معياري تعليم جي لاءِ استادن جي ٽريننگ ۽ ننڍا ننڍا ورڪشاپ ڪري استاد جي وڌيڪ تربيت ڪريو هن معاشري ۾ هڪ استاد آهي جيڪو ڪنهن خاندان جي تقرير تعليم جي ذريعي بدلائي سگهي ٿو اچو ته گڏجي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي تقدير تبديل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو علي بخش خاصخيلي هن سيشن جي ڪارروائي نهايت بھترين انداز سان ھلائي آخر ۾ ٽريننگ ۾ حصو وٺندڙ استادن کي مهمان جي هٿان سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا

جُولاءِ 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو