صدر زرداري پنهنجو مدو پورو ڪندو، پي ٽي آءِ سان بيڪ ڊور ڳالهيون نه پيون هلن:محسن نقوي

Spread the love

اسلام آباد(ويب ديڪس) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته پي ٽي آءِ پهرين 5 آگسٽ لاءِ احتجاج جي تياري ڪري، پوءِ اسان تياري ڪنداسين. اسلام آباد ۾ صحافين سان غير رسمي ملاقات دوران  وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته هن وقت پي ٽي آءِ سان پردي پٺيان رابطي واري ڪا ڳالهه نه پئي هلي. محسن نقوي چيو ته بلوچستان بابت منهنجي بيان کي سياق و سباق کان هٽي پيش ڪيو ويو،

هڪ ايس ايڇ او تي حملي کان پوءِ جيڪا مون ڳالهه ڪئي، ان جو مڪمل حصو نه ڏيکاريو ويو. هن چيو ته ايف سي چينين کي ۽ خيبرپختونخوا ۾ سيڪيورٽي فراهم ڪري رهي آهي، ۽ ايف سي جي ڪوٽا ختم ڪرڻ بابت ڳالهيون بي بنياد آهن. هن وڌيڪ چيو ته ايف سي هڪ لاوارث فورس هئي، جنهن جون پگهارون ٻين فورسن جي برابر ڪيون ويون، ۽ هاڻ ايف سي جي اندر هڪ نئين اينٽي رائٽس فورس قائم ڪئي ويندي، پر نيون ڀرتيون نه ٿينديون. ڀرتيون اڳئين وانگر 36 قبيلن مان ئي ٿينديون.

محسن نقوي ايران بابت ڳالهائيندي چيو ته ايران ۾ به غيرقانوني افغان پناهگيرن خلاف آپريشن جاري آهي، جتي گذريل ٻن هفتن دوران 3 لک افغانين کي ملڪ مان نيڪالي ڏني وئي آهي. هن چيو ته اسان افغانين خلاف نه آهيون، افغان اسان جا ڀائر آهن، پر غيرقانوني طور تي پاڪستان ۾ رهندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. جن وٽ قانوني دستاويز ۽ ويزا هوندي، سي هتي رهي سگهن ٿا. پي او آر ڪارڊ جي مدي ۾ واڌ نه ڪئي ويندي،

هن چيو ته گذريل 20 ڏينهن ۾ آن لائين فراڊ ڪندڙ 9 وڏا گينگ گرفتار ڪيا ويا، جن کي قانون موجب سزا ڏني ويندي.هن چيو ته ايران-اسرائيل معاملي بابت پنهنجي بيان تي قائم آهي، ان مسئلي جي حل لاءِ وزيراعظم ۽ آرمي چيف اهم ڪردار ادا ڪيو. صحافي جي سوال تي ته پي ٽي آءِ جي 5 آگسٽ واري احتجاج بابت حڪومت جي تياري ڪهڙي آهي گهرو وزير چيو ته ”پي ٽي آءِ پهرين تياري ڪري،

پوءِ اسان به تيار ٿي وينداسين.فنڊ جي دير بابت هن چيو ته ان ڪري اسلام آباد جي ٿاڻن جو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو، پر ڊسمبر تائين سڀ 27 ٿاڻا مڪمل ٿي ويندا. اسلام آباد ۾ 133 غير قانوني سوسائٽيون قائم آهن، انهن خلاف حڪمت عملي تيار ڪئي پئي وڃي، ۽ سخت قدم کنيا ويندا. هن چيو ته ادارن جي وچ ۾ ڪوآرڊينيشن جي کوٽ آهي، جيڪا فوري طور بهتر بنائڻ ضروري آهي،

۽ هر ادارو ٻئي ادارن جي مدد لاءِ واضح رٿابندي ڪري. محسن نقوي ٻڌايو ته ايران صرف 10 ڏينهن ۾ 3 لک افغانين کي ملڪ مان ٻاهر ڪيو آهي، ۽ اسان به صرف افغانين کي نه پر هر ان شخص کي ملڪ مان ڪڍنداسين، جيڪو بغير ويزا جي هتي رهي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ته ڇا ڊونلڊ ٽرمپ ۽ آرمي چيف جي ملاقات دوران پي ٽي آءِ بابت ڳالهيون ٿيون؟ گهرو وزير چيو ته ڪجهه معاملن تي خاموش رهڻ بهتر آهي،

مان انهيءَ تي ڳالهه نه ڪندس۔ صدر کي هٽائڻ بابت افواهن تي محسن نقوي چيو ته اهڙي ڪنهن به ڳالهه ۾ ڪا صداقت ناهي، “الله آصف علي زرداري کي زندگي ڏئي، صدر پنهنجو مدو پورو ڪندا۔

جُولاءِ 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو