سڪرنڊ: ڊپٽي ڪمشنر عبدالصمد نظاماڻي جو درياهه سنڌ جي بچاءَ بندن جو دورو، ممڪن ٻوڏ لاءِ ايمرجنسي انتظام جو جائزو
سڪرنڊ(رپورٽ: راج ڪماراوڏ)ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد عبدالصمد نظاماڻي سڪرنڊ جي حدن مان گذرندڙ سنڌو درياهه جي محراب پور، مڏ بند، لاکاٽ سميت مختلف بچاءَ بندن جو تفصيلي دورو ڪري پاڻي جي صورتحال جو جائزو ورتو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر عبدالصمد نظاماڻي چيو ته مون سون جي برساتن سبب درياهه ۾ ٻوڏ جو امڪان آهي جنھن کي نظر ۾ رکندي ضلع انتظاميه پاران ڪچي جي علائقن ۾ رھندڙ ماڻھن کي پڪي تي منتقل ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا آھن جڏھن ته پاڻي جي وڌڻ جي صورت ۾ ريسڪيو 1122 کي الرٽ ڪيو ويو آھي ان کان علاوه ٻيڙين سميت ٻين انتظامن کي پڻ يقيني بڻايو ويو آھي ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر آبپاشي کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي تہ مون سون جي امڪاني تيز برساتن کي نظر ۾ رکندي درياهه سنڌ جي حساس بندن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ سميت بندن جي نگراني لاءِ عملو مقرر ڪيو وڃي جڏهن ته ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ گهربل سمورا انتظام ڪيا وڃن.
ڊپٽي ڪمشنر اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ ۽ قاضي احمد کي ھدايت ڪئي ته درياهه سنڌ ۾ چاڙھ کانپوءِ ڪچي ۾ رھندڙ ماڻھن کي پڪي تي منتقل ڪرڻ بابت اعلان ڪرايا وڃن ۽ گھربل انتظامن سميت ڪچي جي علائقن ۾ رھندڙ ماڻھن بابت مڪمل انگ اکر گڏ ڪري ڏنا وڃن ان موقعي تي ايڪسين آبپاشي داد ڊويزن تيمور کيڙو ڊپٽي ڪمشنر کي لاکاٽ بچاءِ بند وٽ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ضلعي شهيد بينظيرآباد جي حدن ۾ درياءِ سنڌ مان ھن وقت 1 لک 90 ھزار ڪيوسڪ پاڻي گذري رھيو آھي
ھن وڌيڪ ٻڌايو ته حفاظتي بندن جي اسٽون پچنگ،عملي جي مقرري ۽ حساس هنڌن تي چوڪيون قائم ڪرڻ سميت ٻيا ضروري انتظام مڪمل ڪيا پيا وڃن. انهي موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ رميز راجا،اسسٽنٽ ڪمشنر قاضي احمد چوڌري ارسلان ڊپٽي ڪمشنر کي آگاھي ڏيندي ٻڌايو ته ٻنھي تعلقن جي ڪچي ۾ رھندڙ ماڻھن کي پڪي تي منتقل ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا آھن ان موقعي تي آبپاشي کاتي جا ٻيا عملدار پڻ موجود هئا
جُولاءِ 19, 2025