سکر بيراج ڪالوني ۾ امام حسين عليه السلام جي ياد ۾ مجلس، ماتم ۽ نياز جو اهتمام
سکر ( رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ ) بيراج ڪالوني ۾ عاشور جي مناسبت سان امام حسين عليه السلام جي ياد ۾ مجلس، ماتم ۽ نياز جو اهتمام
سکر بيراج ڪالوني لاشاري محلي ۾ عشره محرم الحرام جي سلسلي ۾ زاهد حسين لاشاري ۽ لاشاري برادري پاران مسجد امام علي زين العابدين عليه سلام ۾ مومنن لاءِ هڪ پراثر مجلس جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
مجلس کي مولانا محبوب علي شر ۽ مولانا عارف حسين ڪاظمي خطاب ڪيو. ٻنهي علمائِن امام حسين عليه السلام جي ڪربلا واري عظمت ڀري تاريخ تي روشني وجهندي چيو ته امام حسين عليه السلام ۽ سندن وفادار ساٿين دين جي بقاء خاطر پنهنجون جانيون قربان ڪري انسانيت ۽ اسلام کي زنده رکيو. اُنهن چيو ته ڪربلا جي پيغام ۾ قرباني، حق ۽ صداقت جي راه تي هلڻ جو سبق آهي، جيڪو هر دور جي انسان لاءِ راهِ هدايت آهي.
مجلس کان پوءِ مومنن پاران ماتم حسين عليه السلام ڪيو ويو، جڏهن ته آخر ۾ نياز تقسيم ڪيو ويو. علائقي واسين مجلس جي انتظامن تي اطمنان جو اظهار ڪندي لاشاري برادري جي قدرداني ڪئي.
جُولاءِ 19, 2025