سيوهڻ شهر ۾ هٿرادو مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ذميوار ادارا ناڪام، عوام بيحال
سيوھڻ شھر(رپورٽر) ۾ مھانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪھڙي اداري تي ذميواري عائد ٿئي ٿي* سيوھڻ جو عوام مھانگائي جي ڪري سخت پريشان، سيوھڻ شھر ۾ واپارين طرفان ھٿرادو ڪيل مھانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ذميواري سنڌ جي ڪھڙي اداري تي نافذ ٿئي ٿي، سيوھڻ شھر ۽ ان جي آس پاس جي ننڍن شھرن ۾ واپارين پاران سيدي جي سامان، ڀاڄي، فروٽ، گوشت، مڇي ۽ مرغي جو گوشت وغيره جا اگھ آسمان سان ڳالھيون ڪرڻ لڳا،سيوھڻ شھر جي ڪجھ واپارين جو چوڻ آھي ته وفاقي گورنمنٽ طرفان تيل جا اگھ ھر پندرھين ڏينھن وڌائي ٿي ته پوء اسان جو ڪھڙو ڏوھ آھي، جيڪڏھن اسان دوڪانن جو سامان سبزي فروٽ وغيرہ سيوھڻ شھر کان ٻاھران گھرايون ٿا،
انھن تي ٽرانسپورٽ جو خرچ لڳي ٿو، تيل مھانگو ٿيندو آھي، ته پوء اسان جو سامان آڻيدر ٽرانسپورٽ وارا به ڪرايا وڌائي ڇڏيندا آھن اسان مجبور آھيون،ڏٺو اھو وڃي ته مھانگائي گورنمنٽ پاڻ ڪري ٿي ڪري پوء اھو بار پاڪستان جي عوام تي پوي ٿو، ۽ اھو بار سيوھڻ جي غريب عوام تي به پوي ٿو، ان جي ڪري سيوھڻ جا واپاري پنھنجي من ماني ڪري وڪرو ٿيندڙ شين جي اگھن کي وڌائي ڇڏين ٿا، پر افسوس جو سيوھڻ شھر ۾ ڪنھن به قسم جو چيڪ ۽ بيلنس نه آھي، سنڌ جي ڪنھن به اداري واپارين جي اگھن تي ڪو ڌيان ڏنو ئي نه آھي، ان جي ڪري سيوھڻ جي واپارين پاران وڪرو ڪندڙ شين جي اگھن کي وڌائي مھانگيون شيون وڪرو پنھنجو من پسند اگھ مقرر ڪري سيوھڻ جي غريب عوام کي ٻنھي ھٿن سان ڦري رھيا آھن، جڏھن ته سبزي ۽ فروٽ وڪرو ڪندڙ واپارين کي ته مارڪيٽ ڪاميٽي لسٽون مھيا ڪندي آھي،
پر ان لسٽن جي اگھن تي ڪوبه واپاري عمل نه ڪندو آھي، سيوھڻ شھر ۾ مارڪيٽ ڪاميٽي ڀان سيدآباد جا عملدار ايسين جي ڪمرن ۾ آرام ڪري رھيا آھن، جڏھن ته سيوھڻ جي واپارين کي ڪو ھڪ مارڪيٽ ڪاميٽي جو عملدار صبح سويل لسٽ مھيا ڪري پنھنجي اوڳاڙي ڪري ھليو وڃي ٿو، جڏھن ته پرائيس ڪنٽرول ڪرڻ وارا عملدار ته سيوھڻ ۾ ڪڏھن به نظر نه آيا آھن سواء رمضان شريف جي مھيني کان، پرائيس ڪنٽرول ڪرڻ جا آفيسر ته اگھور ننڊ ۾ ستل آھن، سيوھڻ شھر ۾ پرائيس ڪنٽرول ڪندڙ عملدارن ڪڏھن به سيوھڻ شھر ۾ واپارين جي طرفان وڪرو ڪندڙ شين جي اگھن جي چيڪنگ نه ڪئي آھي،
نه وري ڪا اھڙي سيوھڻ شھر ۾ ڪارروائي ڪندي نظر آئي آھي، تہ پوء سيوھڻ شھر جا وڏا توڙي ننڍا واپاري ڇونه پنھنجي مرضي جا شين تي اگھ مقرر ڪن، انھن کي خبر آھي تہ اسان کان ڪير پڇڻ وارو نہ آھي، پرائيس ڪنٽرول ڪندڙ ادارن جي عملدارن جي لاپرواهي جي ڪري سيوھڻ شھر جو عوام مھانگيون شيون وٺڻ تي مجبور آھن ، سيوھڻ شھر ۾ گذريل ڪيتري عرصي کان پرنٽ ميڊيا، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي معرفت ڪيتريون ئي سيوھڻ شھر ۾ مھانگائي جون دانھون ۽ واڪا ٿي رھيا آھن، پر انھن دانھن تي به مارڪيٽ ڪاميٽي ڀان سيدآباد جا عملدار به خاموش نظر اچي رھيا آھن،
۽ پرائيس ڪنٽرول جا عملدار به خاموش نظر اچي رھيا آھن جڏھن ته سيوھڻ سب ڊويزن جو سربراھ اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ به خاموش نظر اچي رھيو آھي، ۽ ضلع ڄامشورو جو سربراھ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو به خاموش نظر اچي رھيو آھي، آخرڪار سيوھڻ شھر جي واپارين طرفان مھانگيون شيون وڪرو ڪرڻ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ذميواري ڪھڙي اداري تي ذميواري عائد ٿئي ٿي، سيوھڻ شھر جي واپارين روزمره جي شين جي ھٿرادو مھانگائي ڪري سيوھڻ جي عوام کي ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي،
سيوھڻ جي واپارين طرفان ھٿرادو ڪيل مھانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاء ڪھڙي اداري کي جوڳا انتظام ڪرڻا پوندا ته جيئن سيوھڻ شھر مان ھن مھانگائي تي ڪنٽرول ٿي سگھي، ۽ سيوھڻ جي عوام کي روزمره جي شين جي اگھن ۾ رليف ملي سگھي ، ته جيئن ھن مھانگائي جي دور ۾ پنھنجي ٻچن جو پيٽ پالي سگھي، تحرير محمد صفر ايم سيوھاڻي
جُولاءِ 19, 2025