سيوهڻ: انصاري برادري جو قديمي قبرستان تي مبينا قبضي خلاف احتجاج، بااثر ماڻهن خلاف انصاف جي اپيل

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي )سيوھڻ شريف  ۾ انصاري برادري جي قديمي قبرستان تي مبينہ قبضي خلاف غلام الله  انصاري رستم انصاري ۽ علي انصاري طرفان  پراڙا برادري جي بااثر ماڻھن خلاف  پريس ڪانفرنس ۽ احتجاج، ان موقعي تي احتجاجي مظاهرو ڪندڙن پاڪستان پريس ڪلب سيوھڻ جي صحافين سان ميڊيا تي موقف ڏيندي چيو آهي ته اسان جي قديمي قبرستان تي پراڙا برادري جي بااثر حضور بخش پراڙو ۽ ٻين  طرفان جبري قبضو ڪيو آھي، 

جيڪا اسان انصاري برادري سان تمام وڏي ناانصافي آهي، ڇو ته اسان جي انصاري برادري سيوھڻ شھر جي قديمي رھائش پزير آھي،  ھنن ٻڌايو تہ اسان ڪورٽ سڳوري ۾ ويا ھئاسين، ان ڪورٽ سڳوري پڻ اسان جي فيور ۾ حڪم ڪيو آھي، تہ توھان پنھنجي حق تي آھيو، جنھن بعد اڄ اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ ۽ تپيدار سيوھڻ گلاب ٻگھيو ۽ سيوھڻ ميونسپل ڪاميٽي جي  انڪروچمينٽ ٽيم کي پابند ڪيو آھي تہ توھان انصاري برادري کي انصاف  فراھم ڪرايو،

 پر ان ڪورٽ جي ليٽر  جي باوجود بہ اسان کي انصاف نہ ملي سگھيو آھي، اسان سيوھڻ جا پراڻا رھواسي آخرڪار ڪنھن در دانھن ڏيون، اسان شريف ماڻھون آھيون، اسان سان انصاف ڪير ڪندو، متاثر ڌر جو وڌيڪ چوڻ ھئو تہ  سنڌ جي وڏي وزير جيڪو اسان جي چونڊ تڪ جو ايم پي اي آھي، ۽ ھاڻي ھو وڏو  وزير آھي، ان کي به اپيل ڪيون ٿا، ۽ سنڌ جي چيف سيڪريٽري،

ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو، سيشن جج ڄامشورو، اينٽي انڪروچمينٽ انچارج سيل ڄامشورو، ايڊيشنل سيشن جج سيوھڻ ۽ سينئر سول جج سيوهڻ، اسسٽنٽ ڪمشنر سيوهڻ ۽ ٻين واسطيدار عملدارن کي به اپيل ڪيون ٿا ته ھن مقام تي قبضي جو نوٽس وٺي اسان جي قديمي مقام تان قبضو خالي ڪرائي اسان کي انصاف فراھم ڪيو وڃي.

جُولاءِ 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو