سينيٽ چونڊون: پي ٽي آءِ جو ناراض اميدوارن طرفان هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ اپوزيشن سان مقابلي جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف ناراض اميدوارن جي هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ اپوزيشن سان مقابلي جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، جيڪڏهن اپوزيشن سان مقابلو ڪيو ويو ته حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ 5 ۽ 6 سيٽن وارو معاهدو ختم ٿي ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته رٺل اميدوارن کي آچر کان اڳ نامزدگي فارم واپس وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ جيڪڏهن اهي دستبردار نه ٿيا ته سندن خلاف ڪارروائي جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، ناراض اميدوارن کي پرچائڻ ڪرڻ لاءِ ٻه گڏجاڻيون ٿيون، پر اميدوارن طرفان ڪاغذ واپس وٺڻ کان انڪار تي معاملو سياسي ڪميٽي حوالي ڪيو ويو.
ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته پهرين گڏجاڻي ۾ وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ اميدوارن شرڪت ڪئي، ٻي گڏجاڻي ويڊيو ڪال ذريعي ٿي، جنهن ۾ ناراض اميدوارن شرڪت نه ڪئي، ان کانپوءِ معاملو پوليٽڪل پارٽي حوالي ڪيو ويو، جنهن پارلياماني پارٽي جي فيصلي جي منظوري ڌني.
سندس چوڻ هو ته ڪميٽي پي ٽي آءِ باني جي نامزد اميدوارن جون 6 سيٽون کڻڻ ۽ بنا مقابلي سينيٽ چونڊن جي فيصلي جي پڻ منظوري ڏني آهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين اميد ظاهر ڪئي ته باقي سينيٽ اميدوار سياسي ڪميٽي جي فيصلي جو احترام ڪندا، جڏهن ته ڪاغذ واپس نه وٺڻ جي صورت ۾ ٻيهر فيصلو ڪيو ويندو ته اميدوارن بابت ڇا ڪرڻو آهي.
ان ڏس ۾ سينيٽ اميدوار عرفان سليم چيو ته سياسي ڪميٽي طرفان ڪاغذ واپس وٺڻ واري فيصلي تي ڪارڪنن سان صلاح مشورو ڪندس، جنهن کانپوءِ ئي ڪو فيصلو ڪندس.