سرن جي بٺي ۾ زخمي ٿيل پورهيت بلاول سامي جي مدد لاءِ دانهون، بٺي مالڪ خلاف ڪارروائي جو مطالبو

Spread the love

سڪرنڊ(رپورٽ:راج ڪماراوڏ)سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ گلشير ماڇي جي رهواسي پورهيت بلاول سامي سڪرنڊ پريس ڪلب پهچي دانهيندي چيو ته آءُٗ قومي شاهراه ويجهو حشمت پٺاڻ جي سرن جي بٺي تي جلائيءَ جو ڪم ڪندو آهيان. جلائيءَ دوران اچانڪ ٻرندڙ بٺي ۾ ڪري پيس، جنهن سبب منهنجو ساڄو پير ۽ جسم جا ڪجھ حصا  متاثر ٿيا.

اگر اتي موجود مزدور مونکي ٻاهر نه ڪڍن ها ته سڙي خاڪ ٿي وڃان ها. هن چيو ته منهنجو پير سوڄ ڪري خراب ٿي پيو آهي. مسڪيني حالت سبب دوا به نٿو وٺي سگهان. هن چيو ته حشمت پٺاڻ منهنجي ڪا به مدد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. جنهن خلاف مون اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ کي درخواست پڻ ڏني آهي جنهن تي اي سي سڪرنڊ مون کي مختيارڪار سڪرنڊ ڏانهن موڪليو. جنهن بعد مختيارڪار سڪرنڊ حشمت پٺاڻ ڏانهن نوٽيس به موڪليا پر هو اچڻ لاءِ تيار ناهي. هن اعلٰى اختيارين کي اپيل ڪندي چيو ته آءُٗ غريب  ماڻھو آهيان منهنجي واهر ڪئي وڃي.

جُولاءِ 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو