دادو: ام رباب چانڊيو جي والد سميت ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي، سيڪيورٽي جا غيرمعمولي انتظام
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) سنڌ جي نياڻي ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين والد، ڀاءُ ۽ چاچي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ دادو جي جج حسن علي ڪلوڙ جي عدالت ۾ ٿي، جنهن دوران سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا. ڪيس جي فريادي پرويز چانڊيو ۽ ام رباب چانڊيو پاڻ به عدالت پهتي،
جڏهن ته جوابدار ڌر پ پ پ ايم پي ايز ڀائر سردار احمد چانڊيو، برهان خان چانڊيو سميت ٻيا جوابدار به عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ فريادي ڌر جي نمائندن ۽ جوابدارن کي مڪمل تلاشي کان پوءِ عدالت ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي. ٻڌڻي دوران ڪيس جي جاچ آفيسر محمد علي دراني کان فريادي ۽ جوابدار ڌر جي وڪيلن طرفان ڪراس ڪسچنگ مڪمل ڪئي وئي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 2 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.
ٻڌڻي کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته عدالت ۾ پيش ڪيل شاهديون ۽ ثبوت جوابدارن کي سزا ڏياري سگهن ٿا. اسان مسلسل خطري هيٺ آهيون، سر تي ڪفن ٻڌي عدالت پهچون ٿا. عدالت کي گهرجي ته ڊي ٽو ڊي ٻڌڻي ڪري ڪيس جلد اڪلايو وڃي، ام رباب وڌيڪ ٻڌايو ته جاچ آفيسر محمد علي دراني جيڪا سي ڊي آر رپورٽ پيش ڪئي،
ان ۾ واضع آهي ته ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو جوابدارن کي سهولتون ڏنيون ۽ انهن سان رابطي ۾ رهيو، هن زور ڀريو ته جاچ آفيسر جو ڪم جاچ ڪرڻ آهي، جوابدارن جي سڃاڻپ فريادي، شاهد ۽ مشير ڪندا آهن. اسان کي ملڪ جي عدالتن تي يقين آهي ته جوابدارن کي سزائون ضرور ملنديون، اسان کي انصاف پلئي پوندو، ٻئي طرف جوابدار ڌر جي اڳواڻ سردار احمد چانڊيو چيو ته جنهن جاچ آفيسر کي فريادي ڌر گهرائي هئو، تنهن جوابدارن جي سڃاڻپ نه ڪري سگهيو. اسان جي ڄاڻ مطابق ڪيس فائيل ٿي چڪو آهي، هاڻ ٻي ڪا درخواست عدالت ۾ نه ڏني وڃي،
جُولاءِ 19, 2025