ڄامشوري ۾ زبون حال ۽ خطري واري عمارتن جي سروي جو حڪم، جلد خالي ڪرائڻ ۽ ڊاهڻ جو فيصلو

Spread the love

ڄامشورو (رپورٽ :محمد وارث ڪوريجو)ڄامشورو ضلعي ۾ انتهائي خطري واريون ۽ زبون حال عمارتن جي فهرست تيار ڪئي وڃي، مالڪن کي نوٽيس جاري ڪري عمارتون خالي ڪرايون وڃن، اھڙن خيالن جو اظھار ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو ڊاڪٽر عدنان منير تنيو درٻار ھال جامشورو ضلعي جي لاڳاپيل آفيسرن سان گڏجاڻي جي صدارت ڪئي اجلاس کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو ڊاڪٽر عدنان منير تنيو چيو  ته ضلعي ۾ زبون حال ۽ انتهائي خطري واري عمارتن جي سڃاڻپ ڪري جلد رپورٽ پيش ڪئي وڃي، 

اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مانجھند اسد ڪريم سومرو، اسسٽنٽ ڪمشنر ٿاڻو بولاخان آصف علي سومرو، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر احمد علي بروهي، مختيار ڪار ڪوٽڙي ماجد علي خاصخيلي، ورڪس اينڊ سروسز بلڊنگ، ايجوڪيشن ورڪس، ٽائون، ۽ ميونسپل سميت ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا، ان موقعي تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي آفيسر بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته تعلقي ڪوٽڙي 5  عمارتون زبون حال قرار ڏنيون ويون آهن، جن بابت تفصيل ٽيڪنيڪل ڪميٽي کي فراهم ڪيون ويون آهن. ٽيڪنيڪل ڪميٽي جلد ئي انهن جو معائنو ڪندي، جنهن کان پوءِ خطري واري عمارتن کي خالي ڪرايو ويندو ۽ ڊاهڻ جو عمل شروع ڪيو ويندو، 

جڏهن ته ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو ڊاڪٽر عدنان منير تنيو لاڳاپيل آفيسرن کي هدايتون ڏيندي چيو ته ضلعي جي هر علائقي ۾ زبون حال عمارتن جو سروي ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. هن عوام کي پڻ اپيل ڪئي ته هو پنهنجن علائقن ۾ موجود زبون حال عمارتن جي نشاندهي ڪن ۽ اهڙي معلومات ڊپٽي ڪمشنر آفيس ڄامشوري کي فراهم ڪن،

جُولاءِ 18, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو