ٿرپارڪر کي سرسبز بڻائڻ لاءِ وڻ پوکڻ واري مهم جو آغاز
مٺي (ڊ-ر) ٿرپارڪر ۾ وڻ پوکڻ واري مهم جو افتتاح ايم اين اي ڊاڪٽر مھیش ڪمار ملاڻي، ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر عبدالحليم جاگيراڻي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو ٿرپارڪر فريد حنيف ڊي آفيس مٺي ۾ ٻوٽا لڳائي ٿرپارڪر ۾ وڻ پوکڻ واري مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي ايم اين اي ڊاڪٽر مھیش ڪمار ملاڻي ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر عبدالحليم جاگيراڻي چيو ته ٿرپارڪر کي سرسبز ڪرڻ جي لاءِ هي مهم شروع ڪئي وئي آهي، هن مهم دوران پوري ٿرپارڪر ۾ ٻوٽا لڳايا ويندا،
جنهن سان گرمي جي موسم گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي، هنن پوري ٿرپارڪر جي عوام کي اپيل ڪندي چيو پنهنجي ڳوٺن ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ٻوٽا پوکي ٿرپارڪر جي زمين کي سرسبز بڻايو وڃي، ٿرپارڪر کي سرسبز بڻائڻ اسان سڀني جو گڏيل فرض آهي، ان لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. ان موقعي تي ٻيلي کاتي ٿرپارڪر جي آفيسر سميت سمورا لاڳاپيل آفيسر موجود هئا
جُولاءِ 18, 2025