يونين آف جرنلسٽس شھيد بينظير آباد جي نو منتخب عهديدارن کي مبارڪباد ۽ اجرڪن سان آجيان

Spread the love

سڪرنڊ( رپورٽ :راج ڪماراوڏ)يونين آف جرنلسٽس شھيد بينظير آباد ضلع صدر سينئر صحافي منظور علي ٻگهيو ۽ خزاني غلام نبي ڀنڀرو کي منتخب ڪرڻ بعد کين کي مبارڪباد ملڻ جو سلسلو جاري نيشنل پريس ڪلب سڪرنڊ جي سرواڻ غلام قادر چانڊيو ، عابد حسين ڀٽي ، پرائيم ميڊيا هائوسز صدر شبير احمد راجپوت ، اعظم راول ، ۽ ٻين پاران نيشنل پريس نوابشاھ پھچي سنڌي اجرڪن جا تحفا ڏيڻ بعد گلاب جي گلن سان آجيان ڪري مليل ذميواري جي مبارڪباد ڏني

 ان موقعي تي يونين آف جرنلسٽس شھيد بينظير آباد جي صدر سينئر صحافي منظور علي ٻگهيو آيل صحافتي سفر جي ساٿين جا ٿورا مڃيندي چيو تہ قائد صحافت لالا اسد پٺاڻ جي خاص ھدايتن ۽ مھربانين سان ھڪ دفعو ٻيھر شھيد بينظير آباد جي مليل ذميواري ايمانداري سان نڀائيندي صحافي ڀائرن جي خدمت ڪبي ۽ تنظيم جي بھتري ڀلائي لاءِ سموري ضلع ۾ تنظيم سازي ڪري يونين آف جرنلسٽس کي مظبوط ڪيو ويندو

جُولاءِ 18, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو