موسمياتي تبديلي دهشت گردي کان وڏو مسئلو،ڪراچي،بدين،ٺٽو سمنڊ حوالي ٿيڻ وارا؟

اسلام آباد(ويب ديڪس)سينئر صحافي حامد مير چيو آهي ته پراڻي ڪهاڻي اڄ به نئين آهي،ڏهن سالن کان موسمياتي تبديلين سبب ڪراچي،ٺٽو ۽ بدين جي سمنڊ حوالي ٿيڻ جي خطري جو احساس ڏياري رهيو آهيان،هڪ پورٽ مطابق بدين ۽ ٺٽو 2050ع تائين سمنڊ هيٺ اچي سگهن ٿا،
جڏهن ته ڪراچي 2060ع تائين سمنڊ هيٺ وڃي سگهي ٿو، هر سال ٻوڏ ايندي آهي،افسوس ڪجهه ڏينهن ٻوڏ جي سببن تي ڳالهه ٿيندي آهي ۽ پوءِ ميڊيا سياستدانن جي جهيڙن ۾ ڦاسي موسمياتي تبديلين کي وساري ويهي ٿي،هن چيو ته موسمياتي تبديلي دهشت گردي کان به وڏو مسئلو بڻجندي پئي وڃي ڪجهه حقيقتون اهڙيون آهن جيڪي ميڊيا عوام آڏو نٿي آڻي،
جُولاءِ 18, 2025