صدارتي نظام ۽ 27 هين آئيني ترميم اچڻ واري خبر تي قائم آهيان:اعزاز سيد

اسلام آباد(ويب ديڪس)سينئر صحافي اعزاز سيد چيو آهي ته مان موڪلن تي ٻاهرين ملڪ هئس،جرمني مان هڪ خابرو اداري جي تقريب ۾ شريڪ ٿيس،ملڪ ۾ افواهه هليا ته ڪو ٻاهرين ملڪ ڀڄي ويو آهيان،هن چيو ته مون ايوان صدر ۾ تبديلي بابت خبر ڏني هئي، ماڻهن اهو وي لاگ ڏٺو به نه هوندو پر ان تي هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهن تبصرا ڪيا آهن،
هن چيو ته مون خبر ڏني هئي ته 27هين آئيني ترميم آندي پئي وڃي جنهن ۾ صدر جا اختيار وڌايا پيا وڃن،شايد صدر زرداري وٽ اهو عهدو نه رهي،هن چيو ته مون اهڙا دستاويز پڙهيا آهن جنهن ۾ مستقبل جو لائحه عمل نظر اچي ٿو،رپورٽر اهو ٻڌائيندو آهي جيڪو ان کي سامهون نظر ايندو آهي،
مان ان خبر جي تصديق ڪئي،صدارتي نظام جا دستاويز مون پاڻ پڙهيا آهن،وزيراعظم جا اختيار گهٽ ٿي ويندا،هاڻي ايوان صدر ۾ ڪو به اچي سگهي ٿو،اها ترميم صدر زرداري جي موجودگي ۾ ئي ايندي،خبر ناهي ان ترميم تي پ پ پنهنجي پيرن تي ڪهاڙو هڻندي يا نه؟ پر وزيراعظم جو عهدو ته رهندو،بلاول ڀٽو ته اڄڪلهه هونئن ئي وزيراعظم جي جهلڪ ڏيکاري رهيو آهي،
هن چيو ته بلاول ڀٽو جهڙي طرح عالمي سطح تي پاڪستان جو ڪيس پيش ڪيو اهو قابل ديد آهي،هن چيو ته مون ته اها دستاويز پڙهي رڳو خبر ڏني آهي،آئيني ترميم ۾ ڪيترائي اسٽيڪ هولڊر آهن،سڀ مڃيندا يا نه اهو الڳ سوال آهي پر اها ترميم پائيپ لائن ۾ آهي،عمل ٿئي ٿو يا نه ان ۾ وقت لڳندو،اسامه بن لادن جي واقعي تي پ پ ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي هئي ان مهل به صدر آصف علي زرداري استعيفيٰ نه ڏني هئي،
اسان نه تحريڪ انصاف،نه فوج،ليگ نه ئي پ پ جي خلاف آهيون جيڪو نظر ايندو ان کي رپورٽ ڪنداسين،هن چيو ته مون ٽي وي واري صحافت ۾ تمام گهٽ غلطيون ڪيون آهن،جيڪي ڪيون آهن انهن کي تسليم به ڪيو آهي، هن چيو ته اسان اهو نه چيو هو ته ملڪ رياض سان ڊيل ٿي وئي آهي،اسان رڳو اهو چيو هو ته ملڪ رياض معافي لاءِ ٻه خط لکيا آهن،
ان جي ترديد ناهي ته ڪي به خط ناهن آيا،اسان اهو به فلاڻا فلاڻا ماڻهو چاهين ٿا ته ملڪ جي بهتري لاءِ هو واپس اچي ۽ فلاڻا فلاڻا ماڻهو چون ٿا ته ملڪ رياض کي واپس نه اچڻ گهرجي،اسان اهو ناهي چيو ته ملڪ رياض فلاڻي تاريخ تي اچي رهيو آهي،
رياست ۾ ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي ته هڪ صحافي مٿان ڪيترائي صحافي واويلا ڪندا آهن ته هن جي خبر ڪوڙي اهي جيئن ماڻهو انهن تي يقين ڪري وٺن،صحافي فخر دراني چيو ته هن وقت سسٽم صحيح نموني هلي رهيو آهي،صدر زرداري کي هٽائڻ مشڪل نظر اچي رهيو آهي،
جُولاءِ 18, 2025