سکر ۾ وڌندڙ ڏوهن خلاف هندو پنچائت پاران احتجاجي مظاهرو
سکر ( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر شھر ۾ وڌندڙ بدامني، بيقانوني، ڊاڪٽين، چورين ۽ لٽ مار جي وارداتن خلاف هندو پنچائت سکر پاران سکر پريس ڪلب آڏو ڀرپور احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ علامتي ڌرڻو پڻ ڏنو ويو۔ مظاهري جي اڳواڻي هندو پنچائت جي اڳواڻن مڪي ايشور لال، سنيِل ڪمار، چندر ڀان ۽ ٻين ڪئي۔ احتجاجي مظاهري ۾ هندو پنچائت جي اڳواڻن، واپاري برادري، شھري ۽ مختلف سماجي طبقات سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي۔\
ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻ مڪي ايشور لال ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سکر ھن وقت ڏوھاري عنصرن جي رحم و ڪرم تي آهي، واپاري هجن يا عام شھري، ڪوبه محفوظ ناهي رهيو۔ ڏينهن ڏٺي جو ٿيندڙ ڊاڪٽين، چورين ۽ ٻين ڏوهن سبب شھري سخت خوف ۽ ڏهڪاءَ جو شڪار ٿي ويا آهن۔ھن مطالبو ڪيو ته ڪالهه واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري لوٽيل رقم واپس ڪرائي وڃي ۽ هيرا لال کي تحفظ ۽ انصاف مهيا ڪيو وڃي۔ هن وڌيڪ چيو ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي ويا آهن،
ڏوهارين کي ڪنهن به قسم جو خوف ناهي ۽ شھري پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهيا آهن۔مڪي ايشور لال وڌيڪ چيو ته سکر ۾ رهندڙ هندو برادري کي به تحفظ جي سخت کوٽ محسوس ٿي رهي آهي، جيڪا انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي۔ هن مطالبو ڪيو ته پوليس ۽ لاڳاپيل ادارا فوري طور تي اثرائتا قدم کڻن ته جئين شھر ۾ امن امان بحال ٿي سگهي۔ھن سياسي، سماجي، مذهبي اڳواڻن، وڪيلن، صحافين ۽ سول سوسائٽي کي اپيل ڪئي ته ھو به ھن ڳڻتي جوڳي صورتحال خلاف آواز اٿارين ۽ حڪومت تي زور ڀرين ته شھرين کي تحفظ مهيا ڪيو وڃي۔
مظاهرين جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا، جن تي امن امان جي بحالي، شھري تحفظ ۽ ڏوھاري عنصرن خلاف ڪارروائي جا مطالبا لکيل هئا۔ آخر ۾ مظاهرين خبردار ڪيو ته جيڪڏھن فوري طور تي اثرائتا قدم نه کنيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو۔
جُولاءِ 18, 2025