زرعي ايراضي ۽ ٻيلا ڪٽيندا ته ماحولياتي تباهي ته ايندي:مصدق ملڪ

اسلام آباد(م ڊ)موسمياتي تبديلي جي وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته مون سون جي شدت 60 سيڪڙو وڌي وئي آهي،چڪوال ۾ ڪلائوڊ برسٽ ٿيو آهي، اهو معاملو به وڌي رهيو آهي،خانگي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته اسلام آباد ۾ طوطا،ڪوئل ۽ ٻيا پکي غائب ٿي ويا آهن،آگسٽ جي آخر تائين مون سون جا 5 اسپيل اچڻ جو امڪان آهي،
هيل تائين برساتن جا ٽي اسپيل اچي چڪا آهن،ماحولياتي ماهر ڊاڪٽر زينب نعيم چيو ته اسان ٻيلا ڪٽي ڇڏيا،زرعي آبادين تي رهائشي رٿائون شروع ڪري ڇڏيون،موسمياتي تبديليون اچي رهيون آهن،نين آبادين لاءِ ٻيلا ڇو پيا تباهه ڪيا پيا وڃن؟ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته 10 سالن ۾ پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي وزارت قائم ٿي وئي آهي،
رهائشي اسڪيمن سبب زرعي ايراضي ۽ گرين بيلٽ تباهه ڪيا پيا وڃن،زمين جي تبديلي نه ٿيڻ گهرجي،روينيو اختيارين کي ان ڳالهه تي پابند بڻائڻ گهرجي،اسان آبادي تي ڪنٽرول نه ڪنداسين ته زمين ته گهٽ ٿيندي وڃي،خدشو آهي ته اسان کي زراعت لاءِ زمين ئي نه بچي.
جُولاءِ 18, 2025