جاپاني ٻولي ۽ ثقافت جي واڌاري لاءِ پاڪستاني ادارن سان جاپاني قونصل خاني جو مفاهمتي ياداشت تي صحيحون
ملير (ڊ ر ) ٻوليون نه صرف رابطن جو ذريعو آهن، پر اهي قومن ۽ ملڪن جي وچ ۾ هم آهنگي، ڀائي چارئي لاڳاپن ۽ ثقافتي واٽون هموار ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. اهڙا خيال جاپاني قونصل خاني جي ڊپٽي قونصل جنرل ناڪاگاوا ياسوشي پاڪستان-جاپان انٽيليڪچوئل فورم طرفان جاپاني ٻولي ۽ ثقافت جي واڌاري لاءِ گرين انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي (گلشن حديد) ۽ انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ مينيجمينٽ (حيدرآباد) سان مفاهمتي ياداشت (MoU) جي دستخطي تقريب دوران اظهار ڪيا.
ڊپٽي قونصل جنرل چيو ته پاڪستان ۽ جاپان ڀائراڻا ملڪ آهن، جن جي وچ ۾ صديون پراڻا لاڳاپا آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته سنڌ جا علمي ادارا نوجوانن کي جاپاني ٻولي سيکاري نه فقط انهن جي تعليمي صلاحيتن کي هٿي وٺرائيندا، پر انهن لاءِ جاپان ۾ تعليم ۽ روزگار جا موقعا پڻ پيدا ڪندا.تقريب دوران پاڪ-جاپان انٽيليڪچوئل فورم جي صدر محمد اقبال برما چيو ته فورم سنڌ جي علمي ادارن ۽ يونيورسٽين سان گڏجي جاپاني ٻولي جي واڌاري لاءِ سرگرم آهي.
هن ٻڌايو ته جاپان ۾ پاڪستان جي قيام کان اڳ ئي اردو ٻولي جي تعليم شروع ٿي چڪي هئي، جيڪا اڄ تائين جاري آهي، تنهنڪري اسان جي به ذميواري آهي ته جاپاني ٻولي سکڻ جا موقعا نوجوانن لاءِ پيدا ڪجن.تقريب ۾ ڊاڪٽر عبدالرحمان جسڪاڻي (ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر، گرين انسٽيٽيوٽ) ۽ ڊاڪٽر سعيد احمد شيخ (ريڪٽر، انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ مينيجمينٽ حيدرآباد) سان گڏجي ياداشت تي صحيون ڪيون ويون.
تقريب جي شروعات تلاوتِ ڪلام پاڪ ۽ پاڪستان ۽ جاپان جي قومي ترانن سان ٿي. آخر ۾ جاپاني ٻولي جي ماهر پروفيسر سليم سومرو شرڪت ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪيو، جڏهن ته نثار شيخ پڻ خاص مهمان طور شريڪ ٿيو.
جُولاءِ 18, 2025