اعلي آفيسرن جي مقرري ۾ غيرآئيني روايت وجھڻ کان پاسو ڪيو وڃي

Spread the love

دنيا ۾ اختيارن جي ھيٺين سطح تائين منتقلي جو لاڙو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ان جو سبب مقامي معاملن ميدان تي موجود ڌريون بھتر سمجھي ۽ ان جو حل ڪڍي سگھن ٿيون.پاڪستان ۾ بھ سول اختيارين کي اھا شڪايت رھندي آئي آھي تھ اقتدار ۾  ويٺل ڏاڍي ڌر ۽ اسٽيبلشمينٽ صوبن جي اختيارن ۾ مداخلت ڪي ٿي.جيتوڻيڪ ملڪ ۾ اڀري سڀري سول حڪومت يا وري انڌي منڊي جمھوريت ۾ بھ اختيار ھيٺين سطح تي منتقل ڪرڻ جو قانون تي جوڙيو ويو آھي پر ان تي مڪمل عمل نھ ٿيڻ ڪري ان جو ڦل صوبي توڻي عوام کي نھ ملي سگھيو آھي. جنھن ۾ انھن سياسي جماعتن جو بھ ڏوھ آھي جيڪي عرصي کان اقتدار ۾ ويٺل آھن ان ھوندي بھ ٺھيل ٺڪيل قانون تي بھ عمل ڪرڻ کان لھرائي رھيون آھن.

اھا بي ڳالھھ آھي تھ صوبائي اختياريون وري خود مڪاني ادارن کي مڪمل اختيار ڏيڻ جي لاءِ تيار نھ ھونديون آھن، ھر علائقي جي جوڙجڪ جدا آھي، ان ڪري ھر سياسي جماعت کي حق حاصل آھي تھ اھو پنھنجي مفادن جو دفاع ڪري پر اھو بھ لازمي آھي تھ اھو سڀ ڪجھ قانون ۽ آئين جي دائري ۾ رھندي ڪيو وڃي.ٻي صورت ۾ ڪا بھ غيرجمھوري روايت ملڪ ۾ اڳي ئي ڪمزور جمھوري سرشتي کي وڌيڪ ڪمزور ڪندو.

سنڌ ۾ نئين مقرر ٿيل ڊي آءِ جي شوڪت کٽياڻ بابت ڄاڻ ملي آهي کيس سنڌ حڪومت جي مرضي بنا مقرر ڪيو ويو آھي.اها بدلي نه رڳو غيرقانوني آهي پر 18هين آئيني ترميم تي سڌو حملو پڻ آهي،رپورٽن موجب، شروعاتي طور الزام هو ته اها بدلي مبينا طور تي هڪ ڊي فيڪٽو وڏي وزير جي چوڻ تي ٿي پر شگر ملون رکندڙ ان شخصيت ترديد ڪئي آهي ته هو ته ان ڊي آءِ جي کي سڃاڻي ئي نٿو پر هاڻ خبر پئي آهي ته ان جي پويان سنڌ حڪومت جي هڪ  سينئر وزير (ٻئي ڊي فيڪٽو وڏي وزير) جو هٿ آهي، جيڪو مبينا طور تي سنڌ جو وڏو وزير بڻجڻ جي به خواهش رکي ٿو،صوبائي حڪومت جي اهم عهدن تي مقرر ڪيترين ئي  شخصيتن ان مقرري جي مخالفت ڪئي  آهي۽ انهن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن وفاق طرفان بنا مشوري جي  اهڙا آفيسر سنڌ ۾ موڪليا ويندا، ته اهو عمل سنڌ جي اختيارن ۾ سڌي مداخلت ۽ 18هين ترميم جي سراسر ڀڃڪڙي آهي.

رپورٽن مطابق شوڪت کٽياڻ هڪ شخصيت جي چونڊ تڪ واري علائقي جو رهواسي آهي ۽ سندس ووٽر به آهي ،ان ئي شخصيت ڊي آءِ جي جي پروموشن ۽ سنڌ ۾ پوسٽنگ لاءِ وفاق ۾ لابنگ ڪئي هئي، اهو ڪم سنڌ حڪومت کان ڪرائڻ بدران شارٽ ڪٽ جو استعمال ڪندي هن ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار سان رابطو ڪيو،اسحاق ڊار موجوده حڪومت ۾ “ڊي فئڪٽو” وزيراعظم طور مشهور آهي،ڊپٽي وزيراعظم پاران سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ کي حڪم ڏنو ويو ته شوڪت کٽياڻ  کي سنڌ موڪليو وڃي، جيڪو بعد ۾ “اڻ ڪوٺيل مهمان” بڻجي سنڌ پهچي ويو، ذريعن موجب سنڌ حڪومت  شوڪت کٽياڻ کي پوسٽنگ نه ڏني،ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڊي آءِ جي کي پوسٽنگ ڏني وئي ته پوءِ اهو ارڙهين ترميم جي خاتمي جو بنياد بڻجي ويندو.

سنڌ حڪومت ۽ وفاق وچ ۾ اھڙي طرح جي ڇڪتاڻ اڳتي ھلي ڪنھن وڏي ٽڪراءَ جو سبب بڻجي سگھي ٿي، بھتر اھو ئي ٿيندو تھ وفاقي سرڪار آئين ۾ واضح ڪيل اختيارن کي اورانگھڻ کان پاسو ڪري ڇاڪاڻ جو اھو عمل غيرآئيني روايت کي ھٿي ڏيندو جنھن جو مستقبل ۾ نقصان ئي ٿيندو.

  • سنڌ ۾ به برسات غيرمعمولي ھوندي ؟

موسميات کاتي موجب چوماسي هوائون سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن، جنهن  ڪري سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان آھي.لاڳاپيل اداري تاحال سنڌ ۾ امڪاني برسات جي غيرمعمولي ھئڻ جي اڳڪٿي نھ ڪئي آھي.تنھن ھوندي بھ حڪومت جي لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رھڻ جي ضرورت آھي.

لڳاپيل اداري جي اڳڪٿي موجب  اڄ کان ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، ٺٽي، سجاول ۽ بدين ۾ به برسات جو امڪان آھي. 19 جولاءِ تي ميرپورخاص، حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، سانگهڙ ۽ سجاول ۾ برسات ٿي سگهي ٿي.موسميات کاتي ڪراچي ۾ به 19 جولاءِ تي گجگوڙ سان گڏ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

ھوڏانھن اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾طوفاني برسات، ٻنهي شهرن کي جل ٿل هڪ ڪري ڇڏيو، نالا لئي ۾ پاڻي جي سطح خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي. خطري جا الارم وڄايا ويا آهن ۽ ڀرپاسي جي آبادين کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.جاڙن شهرن ۾ٻن ڏينھن کان لڳاتا 250 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي،  نتيجي ۾ هيٺيان علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، راولپنڊي جي علائقي کبا ۾ پاڻي جمع ٿي وڃڻ سبب شهرين کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو آهي. نالن جي ڀرجي وڃڻ سبب رستن تي ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي آهي.

نالا لئي ۾ ڪٽاريان وٽ پاڻي جي سطح 20 فٽ۽ گوالمنڊي پل وٽ 19 فٽ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، سوان درياهه ۾ پاڻ جي سطح بلند ٿيڻ  سبب ُپل پاڻي هيٺ اچي وئي آهي.پنڊي ۾ گذريل رات کان 200 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي، اسلام آباد جي علائقي آءِ-12 ۾ سڀ کان وڌيڪ 186 ملي ميٽر برسات ٿي پئي.ريسڪيو، واسا، سول ڊيفنس سميت لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي..غير معمولي طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال سبب پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

ڊي جي پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته پنجاب جي وزيراعليٰ جي هدايت تي راولپنڊي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مقامي سطح تي هڪ ڏينهن جي موڪل جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي.شهرين کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت پڻ جاري ڪئي وئي آهي.شاهپور ۽ اسلام آباد کي راولپنڊي سان ڳنڍيندڙ پل پاڻي هيٺ اچي وئي آهي.جهلم ۾ 15 ڪلاڪن کان جاري برسات سبب ندين نالن ۾ چاڙهه آهي، جنهن سبب ضلعي انتظاميا ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي بچائڻ لاءِ فوج کي طلب ڪيو ويو آهي.سنڌ حڪومت کي بھ امڪاني برسات سبب عوام جي سار لھڻ گھرجي، جئين غريب ۽ مسڪين ماڻھن جو گھٽ کان گھٽ نقصان ٿئي.

جُولاءِ 18, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو