اسلام ڪوٽ جي غيرقانوني مال پڙي، چوپايو مال جي وڌندڙ چوريءَ جو مرڪز بڻجي وئي

Spread the love

اسلام ڪوٽ(رپورٽ: احمدعلي سانگي)ٿر ۾ چوپايو مال جي چوري جي  واقعن ۾ واڌ،رڍ ٻڪري جي چوري معمول بڻجي ويئي،ڀاڳين جون ننڍون حرام بڻيل،اسلام ڪوٽ ۾ غير قانوني رات جي وقت  پڙي هلڻ  چوري واقعن ۾ واڌ جو سبب بڻيل،مٺي جي ڳوٺ مان چوري ٿيل ٻڪر ڀاڳين اسلام ڪوٽ مان هٿ ڪري ورتو،پڙي انتظاميه پاران جاري ڪيل رسيد تي ڄاڻايل سڃاڻپ ڪارڊ شريف ڳوٺاڻي جو نڪتو ڳوٺاڻو ماملي کان اڻ ڄاڻ بڻيل، اسلام ڪوٽ ۽ پسگردائيءَ ۾ مال جون چوريون معمول بڻيل،انتظاميه اگهور ننڍ سۡتل ضلعي انتظاميه به رات جي وقت هلندڙ پڙي کي روڪرائڻ ۾ ناڪام بڻيل ،

تفصيل موجب:ٿرپارڪر ۾ ڪجھ وقت چوپايو مال جي چوري جي واقعن ۾ تمام گهڻي واڌ اچي چڪي آهي خاص ڪري  اربع ۽ خميس وارا ڏينهن چورن مقرر ڪري ڇڏيا آهن ڄاڻايل ڏينهن تي لڳ ڀڳ هر ڳوٺ مان چور چوپايو مال چوري ڪري وڃن ٿا جنهن سبب مالوند ڀاڳين جون ننڍون حرام بڻيل آهن انهي سلسلي ۾ حاصل ڪيل  ڄاڻ موجب ضلعي ۾ مشهور اسلام ڪوٽ جي مال پڙي جيڪا بااثر ٺيڪيدار ٽائون انتظاميه سان ملي ڀڳت ڪري غير قانوني طريقي سان مقرر خميس واري ڏينهن کان هڪ ڏينهن اڳ اربع جي شام کان شروع ڪري رات جي وقت  پڙي هلائي وڃي ٿي جنهن سبب چور رات جي وقت ڪنهن نه ڪنهن ڳوٺ مان رڍ يا ٻڪري کڻي پڙي تي وڪرو ڪري فرار ٿيو وڃن ٿا

 ڀاڳين جي پهچڻ کان اڳ وڪرو ٿيل چوپايو مال گاڏين ۾ لوڍ ٿي صبح سوير ڪراچي پهچيو وڃي جنهن سبب چور پڪڙ کان آجا بڻيل آهن جڏهن ته پڙي انتظاميه پاران پڙي ۾ چوري جو مال کڻي ايندڙ چورن کي مبينا  بچائڻ ۽ شريف ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ نمبر هڻي ڦاسائڻ جو انڪشاپ سامهون آيو آهي،انهي سلسلي ۾ تازو هڪ ڏينهن اڳ مٺي ويجهو  ڳوٺ مالهيار بجير مان معشوق بجير جا چور ٻه ٻڪر ڪاهي ويا ڀاڳيو پيرو کڻي اسلام ڪوٽ پهتو ته چوري ٿيل ٻن  ٻڪرن مان هڪ ٻڪر اسلام ڪوٽ جي مال پڙي ۾ مال سال ڀريل گاڏي جيڪا ڪراچي وڃي رهي هئي انهي مان مليو،

 جتي واپاري کي جاري ڪيل مال پڙي انتظاميا پاران  رسيد تي درج تاريخ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ نمبر  ۾ تضاد نظر آيو،انهي سلسلي ۾ ڀاڳئي معشوق بجير مطابق رات دير سان اسان جا ٻه ٻڪرا چوري ٿيا، جن جي ڳولا ڪندي جڏهن اسين خميس تي  اسلام ڪوٽ جي مال پڙي پهتاسين، تڏهن هڪ ٽرالر ۾ اسان جو هڪ ٻڪر بيٺل نظر آيو، ٽرالر تي موجود واپاري دعويٰ ڪئي ته مون ٻڪر اڄ پڙي مان خريد ڪيو آهي موجود رسيد تي 16 تاريخ اربع ڏينهن  لکيل هو  انهي مان اندازو ٿيو ته ٻڪر رات جو چوري ٿيا ۽ انهي رات وڪرو ٿيو،انهي کانسواء واپاري وٽ موجود  رسيد تي وڪرو ڪندڙ جو ڄاڻايل  قومي سڃاڻپ ڪارڊ نمبر ڳوٺ  کاکڻهار جي رهواسي حيات خاصخيلي جو نڪتو جڏهن هن سان رابطو ڪيو ويو ته هن چيو ته مون ته ڪراچي جي واپاري کي ڪو ٻڪر وڪيو ئي نه آهي  پڙي انتظاميه منهنجو نمبر رسيد تي لکي مونکي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي،

جڏهن ته  ٽرالر واري واپاري پڻ ڳوٺاڻي حيات خاصخيلي کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندي چيو ته مون هن  شخص کان ٻڪر ناهي ورتو.هوڏانهن مال پڙي جي انتظاميا جو چوڻ هو  ته رسيد تي 16 تاريخ غلطي سان لکجي وئي  جنهن جو همراھ جو نمبر رسيد تي لکيل آهي، اهو ئي شخص شڪ جي گهيري ۾ آهي.ٻي پاسي ڀاڳئي موجب سندس ٻيو ٻڪر اڃا تائين غائب آهي، ۽ هن اسلام ڪوٽ جي مال پڙي تي الزام لڳائيندي چيو ته اها گذريل ڏينهن کان غيرقانوني طريقي سان هلي رهي آهي، جتي چوري جو مال کلي عام وڪرو پيو ٿئي. هن خدشو ظاهر ڪيو ته اهڙين سرگرمين سبب غريب ڀاڳين جا واڙا ويران ٿي رهيا آهن پر انتظاميه خاموش تماشو ڏسي رهي آهي،

جُولاءِ 18, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو