اسلام آباد:45 ڏينهن ۾ اربين رپين سان ٺهيل روڊ اکڙي ويو

Spread the love

اسلام آباد(ويب ديڪس)اسلام آباد ايف 8 ۾ تيز برساتن کانپوءِ تازو ٺهيل روڊ ويهي ويو،سوشل ميڊيا تي حڪومت تي تنقيد جو سلسلو شروع ٿي ويو،سينئر صحافي حامد مير لکيو ته اسلام آباد ۾ انڊرپاس ۽ پل ٺاهڻ جي نالي تي شهر جا لاتعداد سرسبز و شاداب وڻ وڍي ڪڍيا ويا.

جڏهن عوام طرفان ان تي اعتراض ڪيو ويو ته چيو ويو ته “لاجواب” پل تيار ڪيا ويندا.  اربين روپين جي لاڳت سان جيڪي پل ۽ انڊرپاس ٺهيا، اهي هر برسات کان پوءِ تباهيءَ جو منظر بڻجي وڃن ٿا.هاڻي سوال اُٿيو آهي ته چيئرمين سي ڊي اي (ڪئپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي) وضاحت ڏئي ته آخر اها ترقي آهي يا تباهي؟ شهر جا وڻ ختم ڪيا، ماحولياتي توازن بگاڙيو،

اربين رپيا لٽايا، ۽ نتيجي ۾ هر برسات کان پوءِ پاڻي، ڪچرو ۽ ٽريفڪ جام جو عذاب ملندو آهي.آخر هي سڀ ڇا آهي؟ ڪو جوابدهي جو نظام به آهي يا عوام کي فقط خوبصورت خواب ڏيکاري لُٽڻ جو سلسلو جاري رهندو؟شيراز حمد شيرازي لکيو ته 45 ڏينهن ۾ ٺهندڙ 45 ڏينهن وارو منصوبو 45 ڏينهن کانپوءِ زمين بوس ٿي ويو،اسلام آباد ۾ منصوبن جو اهو حال آهي ته باقي ملڪ جو خداحافظ آهي،

ناليواري صحافي رئوف ڪلاسرا لکيو ته جڏهن اسان تي رڪارڊ چاليهه ڏينهن ۾ روڊ،پليون،انڊرپاس ۽ اوورفلائي برج ٺاهي واهه واهه ۽ شاباس وٺڻ جو جنون سوار ٿي وڃي،انهن چاليهه پنجاهه ڏينهن ۾ رڪارڊ تعمير ڪرڻ جي اربين رپين جي کيل ۾ سوڀ رڳو وڏن صاحبن ۽ سرڪاري بيوروڪريسي جي منظور نظر ٺيڪيدارن جي ٿيندي آهي.

جُولاءِ 18, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو