ڦلجي اسٽيشن: هائير سيڪنڊري اسڪول مان لکين رپين جو سامان چوري، ڳوٺاڻن جو احتجاج، پوليس خلاف نعريبازي
ڦلجي اسٽيشن (رپورٽ: غلام حيدر پنھور) 3 هفاتا گذرڻ باوجود گورنميٽ هائير سيڪنڊري اسڪول مان لکين رين جي چوري واپس نه ٿيڻ خلاف ڳوٺان جو اسڪول جي گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ، ڦلجي اسٽيشن ڀرسان گورنميٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ٽڳا مان 3 هفتا اڳ لکين رين جو سولرسسٽم ،بيٽريون ۽ ٻيو سامان واپس نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن جو اسڪول جي ميد گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ،
مظاهرين پاران پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندي چوري ڪيل سامان واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو ان موقعي تي مظاھرين ماجد ٽڳو، پرويز علي سمون، محمد حسين ملاح، بچل سمون، وزير ملاح، ۽ ٻين چيو تہ هائير سيڪنڊري اسڪول ٽڳا مان ٽي هفتا اڳ سولر سسٽم ، بيٽريون ۽ اسڪول جو لکين رپين جو قيمتي سامان چوري ٿي ويو هو ، چوري کي 3 هفتا گذري ويا آهن پوليس ڇوري واپس ناهي ڪرائي سگهي ۽ نه وري ڪو پتو لڳائي سگهي آهي جنهن سبب اسڪول جو تعليمي عمل سخت متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي جڏهن ته اسڪول انتظاميا ۽ پوليس خاموش تماشيائي بڻيل آهن
هنن وڌيڪ چيو تہ اسڪول سنڌ گورنميٽ ۽ ٽي سي ايف، اين جي اوز جي سهڪار سان هلندو آهي اسڪول ۾ سي سي، ٽي، وي سسٽم لڳل آهي جنهن جو چوري وارن ڏينهن جو رڪارڊ هٿ وٺي گم ڪيو ويو آهي جيئن چوري وارا ڦٽيجز نظر نه اچي سگھن ، جنهن جي پڻ جانچ ٿيڻ گهرجي ۽ هاڻ اسان کي خدشو آهي ته اسڪول ۾ بچيل سامان پڻ چوري ٿي ويندو ، مظاھرين تعليم جي وزير ڊائريڪٽر ايجوڪيشن حيدرآباد کان مطالبو ڪيو آهي تہ واقعي جي ترت جانچ ڪرائي چوري ۾ ملوث خلاف ڪاروائي ڪري سامان واپس ڪرايو وڃي.
جُولاءِ 17, 2025