پنڊي ۽ اسلام آباد ۾ طوفاني برساتن تباهي مچائي ڇڏي، نديون نالا ڀرجي ويا، موٽري وي پاڻي هيٺ، رين ايمرجنسي لاڳو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ گذريل رات کان ٿيل طوفاني برسات، ٻنهي شهرن کي جل ٿل هڪ ڪري ڇڏيو، نالا لئي ۾ پاڻي جي سطح خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي، جنهن سبب خطري جا الارم وڄايا ويا آهن ۽ ڀرپاسي جي آبادين کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
جاڙن شهرن ۾ ڪالهه رات کان هينئر تائين 250 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هيٺائين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته راولپنڊي جي علائقي کبا ۾ پاڻي جمع ٿي وڃڻ سبب شهرين کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو آهي.
برساتن سبب نالن جي ڀرجي وڃڻ سبب ڪيترن ئي رستن تي ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي آهي.
نالا لئي ۾ ڪٽاريان وٽ پاڻي جي سطح 20 فٽ، جڏهن ته گوالمنڊي پل وٽ 19 فٽ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، سوان درياهه ۾ پاڻ جي سطح بلند ٿيڻ پل پاڻي هيٺ اچي وئي آهي.
پنڊي ۾ گذريل رات کان 200 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي آهي، جڏهن ته اسلام آباد جي علائقي آءِ-12 ۾ سڀ کان وڌيڪ 186 ملي ميٽر برسات ٿي آهي.
نالا لئي جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ خطري جا سائرن وڄايا ويا آهن، ريسڪيو، واسا، سول ڊيفنس سميت لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي.
ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته پاڻي جي سطح وڌيڪ بلند ٿيڻ سبب ڀرپاسي جي آبادي کي خطرو آهي، ان ڪري شهري احتياطن محفوظ علائقن ڏانهن منتقل ٿي وڃن.
پنجاب جي مختلف علائقن ۾ رين ايمرجنسي، راولپنڊي ۾ عام موڪل جو اعلان
غير معمولي طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال سبب پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.
ڊي جي پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته پنجاب جي وزيراعليٰ جي هدايت تي راولپنڊي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مقامي سطح تي هڪ ڏينهن جي موڪل جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي.
نالا لئي جي هيٺاهين علائقن جي رهواسين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته لڏپلاڻ جي صورت ۾ انتظاميا سان سهڪار ڪن، ان کانسواءِ ڊي جي پي ڊي ايم اي طرفان خبردار ڪيو ويو آهي ته نالا لئي جي ڀرپاسي گڏ ٿيندڙ يا وهنجندڙ ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
مريم نواز جي ادارن کي سائرن ۽ اعلانن ذريعي عوام کي خبردار رکڻ جي هدايت
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ چيو آهي ته طوفاني برساتن سبب پيدا ٿيل صورتحال کي نظر ۾ رکندي رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.
هن چيو ته سرڪاري ادارا جذبي ۽ محنت سان ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته انتظاميا کي عوام کي سائرن ۽ اعلانن ذريعي خبردار رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
وزيراعليٰ عوام کي ادارن سان سهڪار ڪرڻ ۽ حفاظتي هدايتن تي عمل ڪرڻ جي اپيل پڻ ڪئي.
شهرين کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج جي مدد طلب
ايم ڊي واسا طرفان ٽرپل ون بريگيڊ سان رابطو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ترجمان جو چوڻ آهي ته ايمرجنسي جي صورت ۾ پاڪ فوج کي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، شهرين کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت پڻ جاري ڪئي وئي آهي.
تيز برساتن سبب گهرن ۾ پاڻي داخل، جهلم ۾ فوج جي مدد سان ريسڪيو آپريشن
شاهپور ۽ اسلام آباد کي راولپنڊي سان ڳنڍيندڙ پل پاڻي هيٺ اچي وئي آهي، جڏهن ته پوليس فائونڊيشن جي گهٽي نمبر 5 ۾ برسات جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي.
جهلم ۾ رات کان جاري برسات سبب ندين نالن ۾ چاڙهه آهي، جنهن سبب ضلعي انتظاميا ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي بچائڻ لاءِ فوج کي طلب ڪيو ويو آهي.
نيلم وادي ۾ به وسڪارو، موسميات کاتي جي وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي
آزاد ڪشمير جي نيلم وادي ۾ به گذريل رات کان تيز برساتن جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب درياهه نيلم ۽ ندين نالن ۾ پاڻي جو وهڪرو وڌي ويو آهي.
هوڏانهن موسميات کاتي طرفان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.