پنجاب: چوماسي برساتن جي تباهي، 24 ڪلاڪن دوران 63 ڄڻا فوت، ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ فوج طلب

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمنٽ اٿارٽي ( اين ڊي ايم اي ) جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران پنجاب ۾ چوماسي برساتن سبب 63 ڄڻا فوت ۽ 290 زخمي ٿي چڪا آهن.
پي ڊي ايم اي جي ترجمان موجب، هلندڙ سال چوماسي جي وسڪارن جي نتيجي ۾ صوبي ۾ 103 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا ۽ 393 زخمي ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 128 گهر پڻ متاثر ٿيا آهن.
اداري طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران لاهور ۾ 15، فيصل آباد ۾ 9، اوڪاڙا ۾ 9، ساهيوال ۾ 5 ۽ پاڪپتڻ ۾ 3 ڄڻا فوت ٿيا.
بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته صوبي جي مختلف علائقن ۾ اڄ به چوماسي برساتن جو سلسلو جاري رهندو.
ڊي جي پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته چوماسي برساتن سبب پنجاب جي درياهن ۽ ندين نالن ۾ چاڙهه جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.
هن شهرين کي اپيل ڪئي ته پراڻن ۽ ڪچن گهرن ۾ رهڻ کان پاسو ڪيو وڃي ڇو ته هن وقت تائين سڀ کان وڌيڪ فوتگيون زبون حال ۽ گهرن جون ڇتيون ڪرڻ جي نتيجي ٿيون آهن.
ڊي جي پي ڊي ايم اي چيو ته چڪوال ۾ ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي، جنهن ۾ فوج سميت سڄي انتظاميا حصو وٺي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته شهرين جي باحفاظت نيڪاليءَ تائين ريسڪيو آپريشن جاري رهندو.
پي ڊي ايم اي جي سربراهه موجب، ريسڪيو آپريشن لاءِ فوج جي هيليڪاپٽر سميت سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن.
هن چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران چڪوال ۾ رڪارڊ برسات سبب ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي آهي.
سندس چوڻ هو ته چڪوال ۾ اٽڪل 400 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات ٿي چڪي آهي.